Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

  سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! هن ايمان افروز واقعي مان 2 ڳالهيون معلوم ٿيون: (1): هڪ هي ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي عطا سان غيب جون خبرون ڄاڻيندا آهن، تڏهن ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان صحابيءِ رسول جِنَّ سُرَّق کي ان جي وفات جي مقام جي مُتعلق به ٻڌائي ڇڏيو ۽ هي به ٻڌائي ڇڏيو ته ان کي شان ۽ شوڪت وارو دفن ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندو.

سب مِثلِ ہتھیلی پیشِ نظر،                                                                          ہر غیب عَیاں ہے سینے پر

یہ  نورِ  نظر،  یہ  چشمِ  بَصَر،                                                                                             یہ  علمُ  و  حکمت  کیا  کہنا...!![1]

 (2): پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان ٻئي ڳالھ هيءَ معلوم ٿي ته اميرُالمؤمنين حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه امّت جي بهترين ماڻهن مان هڪ آهن.

خير ۽ ڀلائي وارو هڪ عَمل

   عظيم عالِمِ دين، تمام وڏا محدث، عاشقِ رسول، ڪروڙين حنبلين جا امام، حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اِذَا رَاَیْتَ الرَّجُلَ یُحِبُّ عُمَرَ بْنِ عَبْدِ الْعَزِیْزِ وَیَذْکُرُ مَحَاسِنَہٗ وَیَنْشُرُہَا فَاعْلَمْ اَنَّ مِنْ وَّرَاءذٰلِکَ خَیْراً اِنْ شَآءَ اللّٰہُ  يعني تون جڏهن ڏسين ته ڪو شخص حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان محبت رکي ٿو ۽ انهن جون خوبيون بيان ڪرڻ ۽ انهن کي عام ڪرڻ جو اهتمام ڪري ٿو ته ڄاڻي وٺ
اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جو نتيجو خير ئي خير آهي.[2]


 

 



[1] قبالۂ بخشش،صفحہ:86۔

[2] سیرۃ و مناقب عمر بن عبد العزیز لابنِ جوزی،صفحہ:74۔