Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

* رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                             صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ٻه عظيم ترين  شخصيتون

   پيارا اسلامي ڀائرو! تاريخِ اسلام ۾ ٻه عظيم شخصيتون ٿي گذريون آهن، انهن ٻنهي ئي کي الله پاڪ پاڪيزه سيرت ۽ ڪردار، تقوٰي ۽ پرهيزگار، اخلاص ۽ للّٰهِيَّت، خوفِ خُدا ۽ عشق مصطفٰي جهڙين عظيم نعمتن سان گڏوگڏ دنيا ۾ تاج ۽ تخت ۽ حڪومت سان به نوازيو ۽ الحمدلله! انهن ٻنهي ئي عدل ۽ انصاف جو دامن مضبوطي سان پڪڙي نهايت سهڻي انداز ۾ تخت ۽ حڪومت جون ذميداريون سَرانجام ڏنيون. انهن ٻنهي عظيم شخصيتن ۾ (1): هڪ ته صحابيءِ رسول آهن سندن نالو: حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه آهي(2): جڏهن ته ٻيو: عظيم تابعي بزرگ حضرت عُمر بن عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آهي.

حضرت مُعاويه ۽ عُمر بن عبدُ العزيز جن جي پاڻ ۾ هڪجهڙائي

    جيڪڏهن اسان انهن ٻنهي عظيم ترين شخصيتن جي سيرت کي غور سان پڙهون ته خبر پوندي ته انهن ٻنهي جي سيرت ۾ ڪيئي شيون پاڻ ۾ مطابقت رکن ٿيون. جيئن * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه اَوَّل مُلوڪِ اسلام(يعني اسلامي تاريخ جا پهريان بادشاھ) آهن سندن هي وصف پاڪ آسماني ڪتاب تورات شريف ۾ بيان ٿيو. اهڙيءَ طرح حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اَوَّل مُجدِّد آهن. حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ظاهري وصال کان بعد يَزيدي فتني جي شروعات ٿي، انهيءَ دوران ڪربلا جو واقعو به پيش آيو، يَزيد جيتوڻيڪ ڪجھ سالن کان بعد هلاڪ ٿي ويو هو، البت سندس فتني جا اثرات پوءِ به باقي رهيا،