Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

بن مُسيّب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بذاتِ پاڻ تشريف کڻي اچي رهيا آهن ته وضاحت ڪيائون: حضور! اسان قاصد اوهان کي گهرائڻ لاءِ نه بلڪه ان ڪري موڪليو هو ته اهو اوهان کان مسئلو پڇي اچي. هيءَ هن جي غلطي آهي جو هن اوهان کي هتي اچڻ جي زحمت ڏني، مهرباني ڪري! اوهان پنهنجي جڳھ تي تشريف وٺي وڃو، اسان جو قاصد اتي اچي اوهان کان مسئلو پڇندو.[1]

عالمن جو  اَدب  ڪيو!

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! الله پاڪ اسان کي به عُلماءِ ڪرام جي ادب ۽ احترام جي توفيق نصيب فرمائي، يقين ڪيو! اڄ مسلمانن جا حالات پَستي جي طرف وڃي رهيا آهن، ان جو هڪ سبب هي به آهي ته ماڻهن جي دلين مان عُلماءِ ڪرام جو ادب تمام گهٽ ٿيندو پيو وڃي. حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

اِنِ اسْتَطَعْتَ فَکُنْ عَالِمًا فَاِنْ لَّمْ تَسْتَطِعْ فَکُنْ مُتَعَلِّمًا فَاِنْ لَمْ تَسْتَطِعْ فَاَحِبَّھُمْ فَاِنْ لَّمْ تَسْتَطِعْ فَلاَتَبْغُضْھُم

يعني جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته عالِم بڻج، هي نه ٿي سگهي ته طالبِ علم بڻج، هي به نه ٿي سگهي ته عُلماءِ ڪرام سان محبت ئي رک ۽ هي به نه ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کان بغض ته نه رک. پوءِ فرمايائون: جنهن ان نصيحت کي قبول ڪري ورتو، الله پاڪ ان جي لاءِ نجات جو ڪو رستو ڪڍي ئي وٺندو.[2]

مجھ کو اے عطّار  سُنّی عالِموں سے پیار ہے               اِنْ شَآءَ اللہ  دوجہاں میں میرا بیڑا پار ہے[3]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] (الطبقات الکبری لابن سعد،جلد:2 ،صفحہ:291)

[2] سیرۃ عمر بن عبد العزیزلابن عبدالحکم،صفحہ:118

[3] وسائِلِ بخشش،صفحہ:699