Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

به سردار هوندو آهي. [1]

   صحابيءِ رسول، حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي صدقي الله پاڪ اسان کي حِلم جي دولت نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

اچو! حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ذڪرِ خير به ڪيون ٿا:

حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو  ذڪرِ خير

   منقول آهي هڪ ڀيري اَميرُالمؤمنين حضرت عمر بن عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مڪي شريف ڏانهن وڃي رهيا هئا، واٽ تي هڪ ميدان ۾ پاڻ هڪ مُئل نانگ ڏٺائون. (شايد سندن نگاھِ ولايت نانگ جي حقيقت کي سڃاڻي ورتو هو) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کڏو کوٽي نانگ کي هڪ ڪپڙي ۾ ويڙهي ڪري دَفن ڪري ڇڏيائون. اوچتو غيب مان آواز ٻڌڻ ۾ آيو: اي سُرَّق! توتي الله پاڪ جي رحمت هجي، مان گواهي ڏيان ٿو ته مون الله پاڪ جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو آهي: اي سُرّق! تون هڪ رڻپٽ ۾ مَرندي ۽ توکي منهنجي امّت جو بهترين شخص دفن ڪندو. هي غيبي آواز ٻڌي ڪري حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان آواز ڏيڻ واري کان پڇيو: الله پاڪ توتي رحم فرمائي، تون ڪير آهين؟ ان چيو: اسان جنّن مان آهيون هن جو نالو سُرّق آهي: اسان انهن جِنّن مان آهيون جن مديني جي تاجدار، ٻنهي جهانن جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان بيعت ڪئي هئي، انهن مان اسان ٻنهي کان  علاوه ڪو به زندھ نه رهيو، مون رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو هو: اي سُرَّق! تون رڻپٽ ۾ دم ٽوڙيندي ۽ توکي منهنجو  بهترين امّتي دفن ڪندو.[2]


 

 



[1] کنز العمال،کتاب الاخلاق،قسم الاقوال، جز:3 ،جلد:2 ،صفحہ:55 ،حدیث:5807۔

[2] دلائل النبوۃ للبیہقی،جلد:6 ،صفحہ:494 ۔