Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

پوري ڪئي وئي ۽ کين موءِ مبارڪ ۽ ننهن شريفن سان گڏ دفن ڪيو ويو.

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! الله ڪريم! اسان کي به عشقِ رسول جو ڪمال نصيب فرمائي. ڪاش! اسان گنھگارن تي به ڪرم ٿئي ۽ قبر ۾ رکڻ جي لاءِ ڪجھ تبرڪات نصيب ٿي وڃن ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! قسمت ئي سنورجي ويندي. الله پاڪ جي حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

  پيارا اسلامي ڀائرو! هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، الحمدلله! دعوتِ اسلامي نيڪ، نمازي بڻائڻ واري، سڄي دنيا ۾ سنّتن کي عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي ڪري حصو وٺو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال به آهي. هي مختصر رسالو مڪتبةُ المدينه تان طلب ڪيو ۽ چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ(www.dawateislami.net) تان ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو بلڪه وڌيڪ آساني چاهيو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amal ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو، ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن، هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪو به وقت مقرر ڪري