Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، ڳائڻ وڄائڻ بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀري چينلز جي جڳھ مدني چينل هلڻ لڳو.

خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو         نیک ہو امَّت اے نانائے حسین!

مَدنی اِنعامات کی ہو ریل پیل                                نیک ہو امَّت اے نانائے حسین![1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مدني قاعدھ (Madani Qaida) موبائل ايپليڪيشن

 پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن به تيار ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعده (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندؤ، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هي ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ


 

 



[1] وسائِلِ بخشش، صفحہ:258۔