Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو  تعارف

حضرت عمر بن عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عظيم تابعي بزرگ آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو نالو پاڪ: عمر ۽ ڪنيت: ابوحفص آهي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي والدهءِ محترمه مسلمانن جي ٻئين خليفي عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي پوٽي آهن.[1] ان لحاظ سان حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي رڳن ۾ به فاروقي رت هو * حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: منهنجي اولاد مان هڪ شخص ٿيندو، جنهن جي چهري تي زخم جو نشان هوندو، اهو زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جهڙيءَ طرح هاڻي ظلم سان ڀريل آهي.

   فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هن مبارڪ خواب جي صداقت جو ثبوتُ حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ئي هئا * پاڻ 25 سالن جي عُمر مبارڪ ۾ مديني پاڪ جا گورنر بڻيا * بعد ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خود ئي ڪنهن سبب هي عهدو ڇڏي ڏنو * ان جي گهڻو عرصو بعد جڏهن خليفو سليمان بن عبدُ الملڪ جو انتقال ٿيو ته پاڻ خَليفةُ المُسلمين ۽ اميرُ المؤمنين مقرر ٿيا.

منهنجي مرتبي ۾ ڪا گهٽتائي ته نه آئي

   پيارا اسلامي ڀائرو! اميرُالمؤمنين حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وقت جا خليفا هئا، ان جي باوجود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت عاجزي ۽ انڪساري ڪندا هئا. هڪ ڀيري رات جي وقت سندن وٽ ڪو مهمان آيو، پاڻ ڪجھ لکي رهيا هئا. ڏيئو وسامڻ وارو هو. مهمان عرض ڪيو: مان اٿي ڪري درست ڪري ڇڏيان ٿو. حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ‌لَيْسَ ‌مِنْ كَرَمِ الرَّجُلِ أَنْ يَسْتَخْدِمَ ضَيْفَهُ مهمان کان خدمت وٺڻ عزَّت دار ماڻهوءَ جو طريقو نه آهي. مهمان چيو غلام کي جاڳايان؟ فرمايائون: اهو هاڻي ئي ستو آهي. پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خود اٿيا ۽ ڏيئي ۾


 

 



[1] حضرتِ سیدنا عمر بن عبد العزیز کی 425 حِکایات،صفحہ:30۔