Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat
بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نماز پڙهي رهيا هئا، جڏهن قرائت ڪندي هن آيت تي پهتا:
یَوۡمَ یَکُوۡنُ النَّاسُ کَالۡفَرَاشِ الۡمَبۡثُوۡثِ ۙ(۴) وَ تَکُوۡنُ الۡجِبَالُ کَالۡعِہۡنِ الۡمَنۡفُوۡشِ ؕ(۵) (سيپارو: 30، سورة قارعه: آيت: 4_5)
ترجموڪنزالعرفان: جنهن ڏينهن انسان پکڙيل پروانن وانگر هوندا ۽ جبل رنگ برنگي اُنَ وانگر ٿي ويندا.
ته هيءَ آيت پڙهندي ئي هڪ زوردار رڙ ڪري فرمايائون: هاءِ! ان ڏينهن منهنجو ڇا ٿيندو؟ هاءِ! اهو ڏينهن ڪيڏو ڏکيو ۽ مشڪل هوندو. پوءِ منهن ڀَر ڪري پيا ۽ واتان عجيب ۽ غريب آواز اچڻ لڳا پوءِ اوچتو خاموش ٿي ويا ته مون کي گُمان ٿيو ته ڪٿي دَم نه نڪري ويو هجي! ڪجھ دير بعد کين هوش آيو ته فرمائڻ لڳا: هاءِ! ان ڏينهن ڪيڏو سخت معاملو هوندو ۽ زارو قطار روئيندي بيقراري سان اڱڻ ۾ چڪر ڏيڻ لڳا ۽ فرمايائون: هاءِ! ان ڏينهن منهنجي هلاڪت ٿيندي جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل پروانن جيان ۽ جبل رنگ برنگي اُنَ جيان ٿي ويندا. سڄي رات سندن اها ئي ڪيفيت رهي. جڏهن صبح فجر جون اذانون شروع ٿيون ته ٻيهر ڪِري پيا، هن ڀيري ته مان سمجهيس ته روح نڪري ويو آهي پر ڪجھ دير کان بعد کين هوش اچي ويو. ايترو چوڻ کان بعد حضرت فاطمه بنتِ عبدُ الملڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها فرمايو: الله پاڪ جو قسم! جڏهن به مون کي اها رات ياد ايندي آهي منهنجي اکين مان بي اختيار لڙڪ وهڻ لڳندا آهن. [1]
خوف دوزخ کا آہ!رحمت ہو خاکِ طیبہ کا واسطہ یاربّ!
میرا نازُک بَدَن جہنّم سے از طُفیلِ رضا بچا یاربّ![2]