2 Buland Rutba Shakhsiyat

Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

پنهنجي صحابه (رَضِىَ اللهُ عَنْهم) جي عيادت فرمائيندا هئا[1] * مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه مان آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر امير ۽ غريب جي گهر بيمار پُرسي جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا [2] * حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ ڪريمه هيءَ هئي ته جڏهن ڪنهن بيمار جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا ته هي فرمائيندا هئا: لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ (يعني ڪا حرج جي ڳالھ ناهي الله پاڪ چاهيو ته هي مرض (گناھن) کان پاڪ ڪرڻ وارو آهي) هڪ ڳوٺاڻي جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويا ته هيءُ ئي فرمايائون:  لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ  [3]

  عيادت ۽ ڪيئي روحاني علاج جي باري ۾ وڌيڪ معلومات جي لاءِ اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو بيمار عابد پڙهي وٺو.

     مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُالمدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد: 3   حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب ۽ رسالو بيمار عابد خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

لُوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو                                       سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو                               ختم ہوں شامتیں قافلے میں چلو

    الله پاڪ اسان کي عَمل جي توفيق عطا فرمائي.   اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] مسلم،كتاب: جنائز، مریض کی عیادت کا باب ،صفحہ:331، حدیث:925خلاصۃً۔

[2] مرآۃ المناجیح، جلد: 2، صفحہ:407۔

[3] بُخاری،کتاب: المناقب، صفحہ:919، حدیث:3616 ۔