Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat
هڪ عرصي تائين تاج ۽ تخت جي حِرص ۽ هَوس رهي، آخرڪار حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تشريف وٺي آيا ۽ پاڻ يَزيدي فتني جا باقي بچيل اثرات به مِٽائي ٻيهر خلافتِ راشده جي ياد تازي ڪري ڇڏي * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه عِلم دوست شخصيت هئا، اسلام جي تاريخ ۾سڀ کان پهريان سندن دور ۾ عِلمِ تاريخ جا باقاعده ڪتابَ لکيا ويا، اهڙيءَ طرح حضرت عمر بن عبدُالعزيزرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به عِلم دوست هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دور ۾ احاديث مبارڪه کي ڪتابي شڪل ۾ جمع ڪرڻ جو باقاعده آغاز ٿيو * ائين غور ڪندا وڃون: حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه به خوفِ خُدا وارا هئا، حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به خوفِ خُدا وارا هئا * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه به عدل پسند هئا، حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به عدل پسند هئا * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه به ماڻهن جا خيرخواھ هئا، حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به ماڻهن جا خيرخواھ هئا * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اَحْلَمُ اُمَّتِی (يعني امّت ۾ سڀني کان وڌيڪ حِلم وارو) جي لقب سان نوازيو جڏهن ته حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي حديثِ پاڪ ۾ اُمّت جو بهترين شخص فرمايو ويو * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه به وڏا عاشقِ رسول هئا، حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به وڏا عاشقِ رسول هئا حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه به صحابه ۽ اهلِ بيت سان بي پناھ محبت ڪرڻ وارا، انهن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ وارا هئا، حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به صحابه ۽ اهلِ بيت سان محبت ڪندڙ هئا * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ به پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا تبرڪات هئا، حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به مصطفٰي جا تبرڪات سنڀالي رکيا هئا * ۽ قربان وڃو! حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه به آخري وقت تبرڪاتِ