Book Name:Teen Dost
)7( درود شريف پڙهڻ نبيءِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي شفاعت جو سبب آهي.
)8( درود شريف پڙهڻ گناهن جي بخشش جوسبب آهي.
)9( درود شريف جي ذريعي الله تعاليٰ ٻانهي جي غمن کي ختم ڪندو آهي.
)10( درود شريف پڙهڻ جي سبب ٻانهو قيامت جي ڏينهن رسولِ اڪرمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو قرب (ويجهڙائي) حاصل ڪندو.
)11( درود شريف غريب لاءِ صدقي جي قائم مقام آهي.
)12( درود شريف حاجتون پوريون ٿيڻ جو ذريعو آهي.
)13( درود شريف جي سبب ان جي پڙهڻ واري تي الله پاڪ جون رحمتون نازل ٿينديون آهن ۽ ملائڪ ان جي لاءِ (مغفرت جي) دعا ڪندا آهن.
)14( درود شريف پنهنجي پڙهڻ واري جي لاءِ (باطني) صفائيءَ ۽ سُٿرائيءَ جو ڪارڻ آهي.
)15( درود شريف پڙهڻ سان ٻانهي کي مرڻ کان پهريان جنّت جي خوشخبري ملي ويندي آهي.
)16( درود شريف پڙهڻ قيامت جي خطرن کان نجات جو سبب آهي.
)17( درود شريف پڙهڻ سان ٻانهي کي وسريل ڳالهه ياد اچي ويندي آهي.