Book Name:Teen Dost
)18( درود شريف پڙهڻ سان تنگدستي ختم ٿيندي آهي.
)19( اهو عمل ٻانهي کي جنّت جي رستي تي هلائيندو آهي.
)20( درود شريف پلصراط تي ٻانهي جي روشني ۾ واڌاري جو ڪارڻ آهي.
)21( درود شريف جي ذريعي ٻانهو ظلم ۽ جفا کان نڪري ويندو آهي۔
)22( درود شريف پڙهڻ سبب ٻانهو آسمان ۽ زمين ۾ تعريف لائق ٿي ويندو آهي.
)23 (درود شريف پڙهڻ واري کي انهيءَ عمل جي ڪري سندس ذات، عمل، عمر ۽ بهتري جي سببن ۾ برڪت حاصل ٿيندي آهي.
)24( درود شريف پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سان دائمي محبت ۽ ان ۾ واڌاري جو ڪارڻ آهي.
)25( درود شريف پڙهڻ واري سان نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم محبت فرمائيندا آهن.
)26( درود شريف پڙهڻ، ٻانهي جي هدايت ۽ سندس زندهه دلي جو ڪارڻ آهي.
)27( درود شريف پڙهڻ واري لاءِ هيءُ اعزاز پڻ آهي جو نبي پاڪ
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ
وَسَلَّم جن جي بارگاههِ بيڪس پناهه ۾ ان جو نالو پيش ڪيو ويندو آهي
۽ سندس ذڪر ٿيندو آهي.
)28( درود شريف پل صراط تي ثابت قدمي ۽ سلامتيءَ سان گذرڻ جو