Book Name:Ibrat Ke Namonay
انهن جي ويجهو نمازون پڙهندا رهندا هئا. هي عجيب ماڻهو هئا، گاھ، پن ۽ سبزيون وغيره کائي ڪري پيٽ ڀريندا هئا ۽ الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف رهندا هئا. حضرت سڪندرذوالقرنين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن جي سردار وٽ تشريف کڻي آيا، سلام دعا کان پوءِ چيائين: * مان توهان کي اهڙي حالت ۾ ڏسي رهيو آهيان جو ڪنهن قوم کي هن حالت ۾ ناهي ڏٺو. سردار چيو: ڪهڙي حالت جي ڳالھ ڪري رهيا آهيو؟ فرمايائون: اها ئي ته توهان وٽ دنياوي مال ۽ متاع ڪجھ به نه آهي. سردار چيو: اسان سون چاندي جمع ڪرڻ کي برو سمجهندا آهيون ڇوته جنهن کي هي شيون ملنديون آهن، ته اهو هن ۾ مشغول ٿي آخرت کي ويساري ڇڏيندو آهي. * پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڇيو: توهان گاھ، پن ۽ سبزيون وغيره ئي ڇو کائيندا آهيو؟ سردار چيو: کاڌو جڏهن نڙي کان هيٺ لهي ويندو آهي(چاهي اهو ڪيترو ئي بهترين هجي) پوءِ ان جو ڪو مزو باقي ناهي رهندو.
ان سوال جواب کان پوءِ سردار هٿ وڌائي هڪ کوپڙي کنئي ۽ چيو: اي ذُوالقرنين! ڇا اوهان کي خبر آهي هي ڪير آهي؟ فرمايائون: نه. سردار چيو: هي هڪ بادشاھ هو. الله پاڪ ان کي دنيا وارن تي بادشاهي عطا فرمائي هئي پر اُن ظلم ۽ ستم ڪيو ۽ سرڪش بڻجي ويو. پوءِ ڇا ٿيو، آخر هڪ وقت آيو، ان جو به روح نڪتو ۽ هي مري ويو. هاڻي هي رستي ۾ پيل پٿر جيان بلڪل بيڪار آهي. ها! ان جان اعمال شمار ڪيا ويا آهن، جن تي آخرت ۾ ان کي سزا ڏني ويندي. ايترو چوڻ کان پوءِ سردار هڪ ٻي کوپڙي کنئي ۽ چيو: اي ذُوالقرنين! ڇا اوهان کي خبر آهي هي ڪير آهي؟ فرمايائون: مان نٿو ڄاڻان، ٻڌايو! هي ڪير آهي، سردار چيو: هي به هڪ بادشاھ هو. هي پهريان واري بادشاھ جا ظلم ۽ زيادتيون ڏسي چڪو هو، تنهنڪري اُن عاجزي اختيار ڪئي، الله پاڪ کان ڊنو ۽ عدل و انصاف سان حڪومت ڪندو رهيو. آخرڪار هن کي موت اچي ويو، ان جا به اعمال شمار ڪيا ويا، آخرت ۾ ان کي انهن