Book Name:Ibrat Ke Namonay

ماڻهن جي باري ۾ پڇڻ وارا! ڇا تو وٽ هنن گذري وڃڻ وارن جا عبرتناڪ حالات ۽ واقعات نه پهتا.[1]

پہلوانوں کو پچھاڑا موت نے                                                                                             کھیل کتنوں کا بگاڑا موت نے

ہاتھی جیسے بھی نہ چھوڑے موت نے                                                        کیسے کیسے گھر اجاڑے موت نے

قبر میں میت اترنی ہے ضرور                                                                                           جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

قبرستان ۾ حاضري ڏيندا ڪريو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! اسان جا اسلاف، بزرگانِ دين، الله جا نيڪ ٻانها ڪهڙي ڪهڙي انداز ۾ عبرت حاصل ڪندا هئا، هي حضرات قبرستان ويندا، پنهنجي موت کي ياد ڪندا ۽ ان مان (Lesson)سبق حاصل ڪندا هئا. ڪاش! اسان به عبرت حاصل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، قبرستان ويندا ڪريون، قبر ۾ پيش اچڻ وارن معاملن جي متعلق غور ۽ فڪر ڪيون ۽ پنهنجي موت کي ياد ڪيون. شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي سمجهائيندي فرمائن ٿا: اسان وٽ قبرستان جي حاضري عام طور تي رسمي طور (Formality) تي ٿيندي آهي. قبرستان وڃڻ چڱي ڳالھ آهي پر ان مان عبرت به حاصل ڪئي وڃي ۽ پنهنجي موت کي به ياد ڪيو وڃي ڇوته قبرستان جي حاضري جو اصل مقصد (Purpose) اهو ئي آهي. حديث پاڪ ۾ هن طرح جو مضمون موجود آهي ته پهريان مان توهان کي قبرن جي زيارت کان منع ڪندو هيُس، هاڻي اجازت (Permission) ڏيان ٿو ته وڃو ۽ قبرن جي زيارت ڪيو جو قبرن کي ڏسڻ


 

 



[1] الروض الفائق،صفحہ:25 ملخصًا۔