Book Name:Ibrat Ke Namonay

اعمالن جو بدلو ڏنو ويندو.[1]

ملے  خاک  میں  اہلِ  شاں  کیسے  کیسے                                                                              مکیں  ہو گئے  لا مکاں  کیسے  کیسے

ہوئے   نامور   بے  نشان  کیسے  کیسے                                                                          زمین  کھا گئی  نوجوان  کیسے  کیسے

جگہ   جی  لگانے  کی  دنیا  نہیں  ہے                                                                                      یہ عبرت کی  جا ہے تماشا نہیں ہے

دنيا عبرت جو مقام  آهي

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! سچ چوان ٿو: ته هي دنيا عيش ۽ عشرت ناهي، دنيا عبرت ۽ نصيحت آهي. هتان جو هر ذرو ذرو عبرت جي داستان ٻڌائي رهيو آهي. * هي چنڊ * هي سج * هي تارا * هي چمڪندڙ ڏينهن * هي اونداهي راتيون * هي لهندڙ جواني * اڀرندڙ پوڙهائپ * هي کڄندڙ جنارا *هي وڌندڙ قبرستان جي آبادي * هر طرف عبرت ئي عبرت آهي * ايستائين جو اسان جا گهر جتي اسان رهون ٿا * اسان جو پنهنجو وجود ان سڀني ۾ عبرت آهي، نصيحت آهي..!! جيڪڏهن اسان هي نصيحت وٺڻ وارا بڻجي وڃون. الله پاڪ قرآن ڪريم  ۾ فرمايو:

وَّ سَکَنْتُمْ فِیْ مَسٰکِنِ الَّذِیْنَ ظَلَمُوْۤا اَنْفُسَہُمْ وَ تَبَیَّنَ لَکُمْ  کَیْفَ فَعَلْنَا بِہِمْ  وَ ضَرَبْنَا  لَکُمُ  الْاَمْثَالَ (۴۵)

 ترجموڪنزالعرفان: ۽ توهان انهن جي گهرن ۾ رهيؤ جن پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪيو هو ۽ توهان جي لاءِ بلڪل واضح ٿي ويو هو ته اسان انهن جو ڪهڙو حال ڪيو ۽ اسان توهان جي واسطي مثال بيان ڪيا. (پارہ:13، ابراہیم:45)


 

 



[1]...مکاشفۃ القلوب، الباب التاسع و الخمسون...الخ، صفحہ:216 ۔