Book Name:Ibrat Ke Namonay

عبرت حاصل ڪرڻ جي ترغيب

ڪاش! اسان کي نگاھِ عبرت حاصل ٿي وڃي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

یُقَلِّبُ اللّٰہُ الَّیْلَ وَ النَّہَارَ ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِکَ لَعِبْرَۃً   لِّاُولِی  الْاَبْصَارِ  (۴۴)

ترجموڪنزالعرفان: الله رات ۽ ڏينهن کي مَٽائيندو آهي، بيشڪ ان ۾ اکين وارن جي لاءِ سمجهڻ جو مقام آهي،(سيپارو: 18، سورة نور، آيتِ: 44)

سيپارو 30، سورة نازعات، ۾ فرعون ۽ ان جي لشڪر (Army) جي غرق ٿيڻ جو واقعو ذڪر ڪرڻ کان بعد فرمايو:

اِنَّ  فِیْ ذٰلِکَ لَعِبْرَۃً  لِّمَنْ  یَّخْشٰی (۲۶)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ ان ۾ ڊڄڻ وارن جي لاءِ عبرت آهي،(سيپارو 30، سورة نازعات، آيت: 26)

الله اڪبر! هي الله پاڪ کان ڊڄڻ وارا، اُولِی الْاَبْصَار (يعني غور ۽ فڪر ڪرڻ وارا، عبرت واري نگاھ رکڻ وارا)، هي الله پاڪ جي نشانين (Signs) کي ڏسي ڪري عبرت حاصل ڪندا آهن، ڏينهن آيو، هليو ويو، سج نڪتو، لهي ويو، رات آئي، گذري وئي، تارا نڪتا، لهي ويا، هي سڀ ڪجھ، ڪائنات (Universe) جو ذرو ذرو کليل ڪتاب آهي، ان ۾ اسان جي لاءِ نصيحت آهي، عبرت آهي، ڪاش! اسان ڊڄڻ وارا، عبرت حاصل ڪرڻ وارا، اُولِی الْاَبْصَار (يعني غور ۽ فڪر ڪرڻ وارا، دنيا کي عبرت جي نگاھ سان ڏسڻ وارا) بڻجي وڃون.

عبرت جي نگاھ جي متعلق اولياءِ ڪرام جا فرمان

 * حضرت حاتِم اَصمّ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان سوال ٿيو: ماڻهو اَهۡلِ اِعۡتبار (يعني عبرت