Book Name:Ibrat Ke Namonay

فَصَبَّ عَلَیْہِمْ رَبُّکَ سَوْطَ عَذَابٍ (۱۳) اِنَّ رَبَّکَ لَبِالْمِرْصَادِ (۱۴)

 ترجموڪنزالعرفان: پوءِ انهن تي تنهنجي رَبّ عذاب جو چهبُڪ وهايو. بيشڪ تنهنجو ربّ يقيناً ڏسي رهيو آهي. (پارہ:30 الفجر:13، 14)

الله! الله! هي آهي عبرت جي ڳالھ ...!! شدّاد وٽ ڪيتري طاقت هئي، ڪيترو مال ۽ دولت هئي، قرآن ڪريم فرمائي رهيو آهي ته جهڙو شهر ان بڻايو هو، اهڙو شهر دنيا ۾ ٻيهر ڪڏهن نه ٺاهيو ويو، ايترو مال ۽ دولت...!! ايتري قُوّت پر انجام...!! ڪيترو خطرناڪ ٿيو.

جہاں میں ہیں عبرت کے ہر سُو نمونے

کبھی غور سے  بھی یہ دیکھا ہے  تو نے

جگہ جی   لگانے   کی  دنیا  نہیں ہے                         مگر تجھ  کو  اندھا   کیا رنگ وبو نے

جو آباد تھے وہ محل اب ہیں سُونے

یہ عبرت کی جا ہے  تماشا نہیں ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

دنيا ته هڪ دوکو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا جو ٻيو نالو دارُالغُرور آهي. هي هڪ دوکي جو مقام آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَا الْحَیٰوۃُ الدُّنْیَاۤ اِلَّا مَتَاعُ  الْغُرُوْرِ (۱۸۵)

  ترجموڪنزالعرفان: ۽ دنيا جي زندگي ته صرف دوکي جو سامان آهي.

(پارہ:4، ال عمران:185)

 * اسان هي سمجهون ٿا اسان طاقتور آهيون *اسان سمجهون ٿا ته اسان جوان آهيون * اسان سمجهون ٿا ته اسان وٽ پيسو ڏوڪڙ آهي، مال آهي،