Book Name:Ibrat Ke Namonay

دلين کي نرم ڪندو ۽ اکين ۾ ڳوڙها  آڻيندو آهي.[1]

   قبرستان وڃي ڪري پنهنجي موت کي ياد ڪرڻ گهرجي، پر افسوس! هاڻي ته قبرستان ۾ جهيڙا جهڳڙا (Fights) به ٿي رهيا هوندا آهن. ماڻهو قبرستان ۾ کائي پي رهيا هوندا آهن ۽ مذاق مشڪري ڪري رهيا هوندا آهن. ڪجھ ماڻهو ته قبرستان ۾ جُوا کيڏيندا (Gambling)، شراب ۽ هيروئن پيئندا، مافيا جا اڏا بڻائيندا ۽ هٿيارَ به لڪائيندا آهن. ائين بلڪل به نه هجڻ گهرجي، بلڪه هن طرح عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي ته * جيئن هي اڄ قبرن ۾ پيا آهن، سڀاڻي مان به ائين پيو هوندُس * هي جيڪي مٽيءَ جا ڍيرَ نظر اچي رهيا آهن، انهن ۾ هڪ ڍيرَ جو اضافو ٿي ويندو * ڀڳل ٽٽل قبرن کي ڏسي ڪري سوچيو ته ڪهڙا ڪهڙا حسين نوجوان هتي مٽي ۾ ملي ويا * منهنجا اعمال ته اهڙا آهن، جيڪڏهن ربّ ناراض ٿي ويو ته خبر ناهي قبر ۾ ڇا ٿيندو! پوءِ پنهنجي لاش  (Dead body) کي تصور ۾ آڻي، لاش جي ڦاٽڻ، اکين جي وهڻ، ڏندن جي نڪرڻ ۽ وارن جي ڇڻڻ کي ياد ڪيو، ائين پنهنجي بي وسي (Helplessness) جو تصور ڪيو ۽ عبرت حاصل ڪيو. الله ڪريم اسان کي عبرت حاصل ڪرڻ  ۽ عبرت قبول ڪرڻ واري دل ۽ ذهن عطا فرمائي.[2]

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

قبر میں میت اُترنی ہے ضرور                                                                                           جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور

شَعبَانُ الۡمُعَظَّم جا ڪجھ فضائل

پيارا اسلامي ڀائرو! شَعۡبَانُ المُعَظَّم اچي چڪو آهي. * نهايت عظمتن وارو
* برڪتن وارو مهينو


 

 



[1]... مسندِ امام احمد،مسند انس بن مالک، جلد:5 ،صفحہ:689 ،حدیث:13835ملتقطًا۔

[2] ملفوظاتِ امیرِ اہلسنت،(قسط:62) ،کیا جنات کو بھی موت آتی ہے ؟،صفحہ:5۔