Book Name:Ibrat Ke Namonay

آهي * هي مهينو بطورِ خاص عبرت وٺڻ جو مهينو آهي. * هن مهيني ۾ هڪ رات اها ايندي آهي جنهن ۾ اعمالناما تبديل ٿيندا آهن، آئنده سال ڪير زنده رهندو، ڪير موت جي حوالي ٿي ويندو، ان جو فيصلو ڪيو ويندو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

فِیۡہَا یُفۡرَقُ کُلُّ  اَمۡرٍ  حَکِیۡمٍ ۙ(۴)

ترجموڪنزالعرفان: ان رات هر حڪمت وارو ڪم ورهايو ويندو آهي.

 (پارہ:25، اَلدُّخَان:4)

صراط الجنان ۾ آهي: هن برڪت واري رات ۾ سڄي سال ۾ ٿيڻ وارو هر حڪمت وارو ڪم جيئن * رزق *زندگي *موت  *۽ ٻيا احڪام انهن ملائڪن جي وچ ۾ ورهايا ويندا آهن جيڪي انهن کي ڪرڻا هوندا آهن.[1]        

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي عبرت جو مهينو آهي، اسان کي عبرت وٺڻ گهرجي، دنيا جي دوکي ۽ خواب مان نڪري ڪري نيڪ ڪمن جي طرف وڌڻ گهرجي. لهٰذا هن بابرڪت مهيني ۾ خوب توبه ۽ استغفار ڪيو! * تلاوتِ قرآن جو مهينو آهي، خوب تلاوت ڪيو! * درود پاڪ پڙهڻ جو مهينو آهي، ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ جي عادت بڻايو! * نفل روزن جو مهينو آهي، خوب نفل روزا به رکو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ساريون برڪتون نصيب ٿينديون.

شعبان المعظم جي روزن جا فضائل

* مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿيون: مون پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي شعبان کان وڌيڪ ڪنهن مهيني ۾ روزا رکندي نه ڏٺو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سواءِ ڪجھ ڏينهن جي سڄي ئي مهيني جا روزا رکندا هئا.[2] *  هڪ ڀيرو پاڻ سڳورن
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ سوال ٿيو: رمضان کان پوءِ ڪهڙا روزا افضل


 

 



[1] صراط الجنان، پارہ:25، سورۂ دخان، زیرآیت:4، جلد:9، صفحہ:179۔

[2] ترمذی، کتاب:الصوم، باب:ماجاء فی وصال شعبان برمضان، صفحہ:206، حدیث:736۔