Ibrat Ke Namonay

Book Name:Ibrat Ke Namonay

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                        اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي فضيلت

حضرتِ شيخ احمد ثابِت مَغربي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان قبلي رُخ  ٿي ڪري، ڀت کان ٽيڪَ لڳائي درودِ پاڪ جي موضوع (Topic) تي مضمون لکي رهيو هيس، انهيءَ دوران مون کي ننڊ اچڻ لڳي. مون خواب ۾ ڏٺو ته مان هڪ ويران جڳھ (Deserted Place) تي آهيان جتي ڪا عمارت ناهي ڪجھ ماڻهو جامع مسجد جي دروازي تي موجود آهن ۽ باقي مسجد جي اندر، مان اندر ويس ۽ انهن جي وچ ۾ ويهي رهيس، اتي مون هڪ حَسين و جميل نوجوان کي ڏٺو، جنهن جي چهري تي نيڪ بختي جا آثار ظاهر هئا.

   مون چيو: اوهان جو نالو ڇا آهي؟ ان چيو: منهنجو نالو رومان آهي ۽ مان الله رَحمٰن جي ملائڪن مان آهيان. ان تي مون سوال ڪيو: ته پوءِ اوهان ماڻهن ۾ ڇو آيا آهيو؟ فرمايائون: هي سڀئي ماڻهو نه بلڪه ملائڪَ آهن.

   مون عرض ڪيو: حُضور هي فرمايو ته هنن ملائڪن ۾ ڪير ڪير آهن؟ فرمايائون: *هنن ۾ حضرت جبرائيل عَلَيهِ السَّلَام، *حضرت ميڪائيل عَلَيهِ السَّلَام، *حضرت اسرافيل عَلَيهِ السَّلَام * ۽ حضرتِ عزرائيل (يعني مَلڪ الموت)عَلَيهِ السَّلَام آهن. مون عرض ڪيو: مان حضرت عزرائيل عَلَيهِ السَّلَام جي زيارت ڪرڻ چاهيان ٿو. فوراً هڪ صاحب اٿيو، اهو به نهايت حسين ۽ جميل هو، فرمايائون: مان الله پاڪ جو ٻانهو عزرائيل آهيان. مون حضرت عزرائيل عَلَيهِ السَّلَام کي عرض ڪيو: