Book Name:Ibrat Ke Namonay

مان الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو واسطو ڏئي ڪري عرض  ڪريان ٿو ته اوهان منهنجو ساھ ڪڍڻ وقت مون تي نرمي ڪجو. فرمايائون: (ان جي لاءِ) رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهندو ڪر.[1]

 اي عاشقانِ رسول! هن واقعي مان خبر پئي ته دُرودِ پاڪ پڙهڻ جون جتي ٻيون بيشمار فضيلتون ۽ برڪتون آهن، اتي الله پاڪ جي رحمت مان اميد آهي ته ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهڻ واري جو روح نڪرڻ وقت به آساني ٿيندي. جيڪڏهن دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي برڪت سان موت جي وقت روح جو جسم کان جُدا ٿيڻ ۾ نرمي ۽ آساني نصيب ٿي وڃي ته يقين ڪيو هي نهايت  ئي سَستو سودو آهي، ان کان ڪڏهن به غفلت نه ڪرڻ گهرجي.

جان نکلے تو اس طرح نکلے                                                                                                                              تجھ پر اے غمزدوں کے یار درود

دل میں جلوے بسے ہوئے تیرے                                                                              لب  سے  جاری  ہو  بار  بار  درود([2])

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                            صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([3])

  پيارا اسلامي ڀائرو! چڱي نيت ٻانهي کي جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب


 

 



[1] سعادۃ الدارین،الباب الرابع ،اللطیفۃ السادسۃ، صفحہ:124 -125 ملتقطًا و  ملخصاً۔

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:125 ۔

[3]...بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔