Book Name:Ibrat Ke Namonay

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو.....!! * پاڻ الله پاڪ جا نبي آهن * ربّ رحمٰن کين پنهنجو خليل بڻايو آهي * پاڻ ابُوالانبياء(يعني هزارين نبين جا والد محترم) آهن ۽ اسان جا پيارا نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به سندن ئي جي اولاد آهن* ڪم و بيش هڪ لک 24 هزار انبياءِ ڪرام دنيا ۾ تشريف کڻي آيا، انهن ۾ سڀني کان افضل، سڀني کان اعليٰ، سڀني کان بلند رُتبي وارا نبي، اسان جا آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، سندن کان بعد نبين ۾ سڀني کان اوچو مرتبو حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو آهي* اَلحَمۡدُلله! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام  جي وسيلي سان دعائون قبول ٿينديون آهن. حضرت ڪَعۡبُ الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن سبب توهان مديني شريف حاضري نه ڏئي سگهو ته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي مزار پُرانوار تي حاضر ٿي وڃو! اُتي سلام پيش ڪيو! دعائون گهرو! بيشڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي مزار پُرانوار وٽ دعائون قبول ٿينديون آهن.[1]

حضرت مُجِيرُ الۡدّين حنبلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مون کي ڪا مشڪل پيش آئي، جيڪڏهن هي مشڪل حل نه ٿئي ها ته شايد مان هلاڪ ٿي وڃان ها. جيئن ته مان هن مشڪل جي حل جي لاءِ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي مزار پُرانوار تي حاضر ٿيس، مزار پُرانوار جي غلاف سان چنبڙي دعا گهري،سُبْحٰنَ اللہ! بس دعا ڪرڻ ئي جي دير هئي، الله پاڪ ڪرم فرمايو ۽ منهنجي پريشاني کي دور ڪري ڇڏيو.[2]

  محبوب  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ   جو   وسيلو   ڪم  اچي  ويو

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي وسيلي جو هي شان آهي ته ان کان به افضل نبي،  رسول  هاشمي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي وسيلي جو


 

 



[1] الانس الجلیل، ذکر فضل سیدنا الخلیل...الخ، جلد:1، صفحہ:139

[2]...الانس الجلیل، ذکر فضل سیدنا الخلیل...الخ، جلد:1، صفحہ:140 بتصرف قلیل۔