Book Name:Ibrat Ke Namonay

گذريل قومن جو عبرتناڪ انجام

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

اَلَمْ یَرَوْا کَمْ اَہْلَکْنَا مِنْ قَبْلِہِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّکَّنّٰہُمْ فِی الْاَرْضِ مَا لَمْ نُمَکِّنْ لَّکُمْ وَ اَرْسَلْنَا السَّمَآءَ عَلَیْہِمْ مِّدْرَارًا ۪ وَّ جَعَلْنَا الْاَنْہٰرَ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِہِمْ فَاَہْلَکْنٰہُمْ بِذُنُوْبِہِمْ وَ اَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِہِمْ  قَرْنًا اٰخَرِیْنَ (۶)

ترجموڪنزالعرفان: ڇا انهن نه ڏٺو ته اسان انهن کان پهريان ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو، انهن کي اسان زمين ۾ اها قوت ۽ طاقت عطا فرمائي هئي. جيڪا توهان کي نه ڏني ۽ اسان انهن تي زوردار مينهن وسايو ۽ انهن جي هيٺان نهرون وهايون پوءِ انهن جي گناهن جي سبب انهن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو  ۽ انهن کان بعد ٻيون قومون پيدا ڪيون. (پارہ:7الانعام:6)

قومِ عاد! * وڏي طاقتور قوم هئي* انهن جا ڊگها قد هئا * وڏا وڏا جسم هئا * هي جبلن کي ڪتري پنهنجا محل ٺاهيندا هئا * الله پاڪ انهن کي مال و دولت کان نوازيو * نعمتون عطا فرمايون پر انهن نافرماني ڪئي * الله پاڪ جي نبي حضرت هود عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڪوڙو چيو * ڪفر تي اَڙيا* ضِدّي بڻجي ويا * آخر انهن تي ربّ قهّار جو قهر ڪِريو * الله پاڪ انهن تي آندهي جو عذاب موڪليو * هي نهايت سرد * خشڪ * خيروبرڪت کان خالي * ۽ سخت سناٽيدار آنڌي هئي * ان جي شدت جو حال هي هيو جو ماڻهن کي زمين کان ايئن اڏاري ڇڏيندي هئي ڄڻ ته اهي کجين جا سُڪل ٿڙ هجن * پوءِ انهن کي مٿي ڀر زمين تي اهڙي طرح هڻندي هئي جو انهن جا ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويندا هئا * 8 ڏينهن تائين هي آنڌي لاڳيتو هلندي رهي ۽ ان قوم عاد جو نالو