Book Name:Ibrat Ke Namonay
(Meeting) جي لاءِ وڃي سگهندي * نه ڪنهن سان گفتگو ڪري سگهندي* توکي پڪاريو ويندو پر تون جواب نه ڏئي سگهندي * بيشڪ تنهنجي حق ۾ شهرَ ويران (Deserted) ٿي ويا * تنهنجون اکيون کليل رهجي ويون * روح پرواز ڪري ويو * تنهنجو اولاد (Children) ٻين جي رحم ۽ ڪرم تي رهجي ويو.[1]
حضرت مالِڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڀيري موت جي باري ۾ غور ۽ فڪر ۽ عبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ قبرستان (Cemetery) تشريف وٺي ويا ۽ اتي وڃي ڪري هي شعرَ پڙهيائون:
اَتَیْتُ الْقُبُوْرَ فَنَادَیْتُھَا فَاَیْنَ الْمُعَظَّمُ وَ الْمُحْتَقَر
وَ اَیْنَ الْمُدِلُّ بِسُلْطَانِہٖ وَ اَیْنَ الْعَزِیْزُ اِذَا مَا افْتَخَر
ترجمو: مان قبرن وٽ آيُس ۽ انهن کي پڪاري ڪري چيو: ڪٿي آهن اهي ماڻهو، دنيا ۾ جن جي عزت ڪئي ويندي هئي ۽ ڪٿي آهن اهي ماڻهو جن کي دنيا ۾ حقير (Substandard) سجهيو ويندو هو؟ ۽ ڪٿي آهن اهي بادشاھ جن کي پنهنجي حڪومت تي ڀروسو ۽ ناز هو؟ ڪٿي آهن اهي عزت وارا جيڪي فخر ڪندا هئا؟
حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ قبر مان آواز آيو: اهي سڀئي فَنا ٿي ويا ۽ فنا ٿي ڪري عبرت جو نشان بڻجي ويا، هاڻي انهن جي خبر ڏيڻ وارو به ڪو نه رهيو ۽ هو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ويا. اي گذريل