Book Name:Ibrat Ke Namonay

حاصل ڪرڻ وارو) ڪيئن بڻجندو آهي؟ فرمايائون: جڏهن اهو دنيا جي هر شيءِ جي انجام تي نگاھ رکي ۽ غور ڪري ته عنقريب هي شيءِ فنا ٿي ويندي ۽ ان جو مالِڪ به جلد ئي قبر ۾ دفنايو ويندو * حضرت حاتِم اَصمّ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ئي فرمان آهي: جنهن جي گهران (Funeral) جنازو نڪري ۽ هو ان مان عبرت حاصل نه ڪري، اهڙي شخص کي عِلم (Knowledge)، حڪمت ۽ نصيحت جو ڪو فائدو ناهي.[1]

 جهنّم جي گرمي ڪيئن برداشت ڪري سگهنداسين

 *  الله پاڪ جا نبي حضرت دائود عَلَيهِ السَّلَام نهايت خوفِ خدا وارا هئا، هڪ ڏينهن پاڻ تَندُور جي ڀرسان گذريا، ان ۾ باھ ٻري رهي هئي، هي ڏسي ڪري کين جهنّم جي باھ جي ياد اچي وئي، پاڻ عَلَيهِ السَّلَام جي دل گهٻرائجي وئي، بي چيني (Restlessness) جي حالت ۾ زمين تي تشريف کڻي آيا ۽ ايترو تڙپيا جو قريب هو جو سندن عضون جا جوڙَ (Dislocate) جُدا ٿي وڃن ها * گرمي جي ڏينهن ۾ حضرت دائود عَلَيهِ السَّلَام اُسَ ۾ ايندا هئا ته چوندا هئا: اي الله پاڪ! اسان تنهنجي بڻايل سج جي گرمي برداشت نٿا ڪري سگهون ته جهنّم جي گرمي ڪيئن برداشت (Tolerate) ڪري سگهنداسين؟ [2]

 هر گهر عبرت جو نشان آهي

   حضرت سائب عَبدي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن حضرت صالِح مُري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اسان وٽ تشريف وٺي آيا، مون پڇيو: اي ابو بَشر! اوهان ڪٿان کان پيا اچو؟ فرمايائون: مان پنهنجي گهران نڪتس ته مختلف جايِن تان ٿيندو توهان وٽ


 

 



[1] تنبیہ المغترین، صفحہ: 57 ۔

[2] تنبیہ المغترین، صفحہ: 57 ۔