Book Name:Ibrat Ke Namonay
چيو: سُبْحٰنَ اللہ! اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا صدين کان هتي رهيل آهن، هي انهيءَ حالت ۾ آهي. حضرت خضر عَلَيۡهِ السَّلَام فرمائن ٿا: مان اتان کان هليو ويس * 500 سالن کان پوءِ وري منهنجو اتان کان گذر ٿيو. هاڻي اتي هڪ وڏو درياء هو، ماڻهو ان ۾ مڇيون پڪڙي رهيا هئا. مون هڪ ملاح کان پڇيو: هتي هڪ شهر هوندو هو اهو ڪٿي آهي؟ ان حيرت مان چيو: سُبْحٰنَ اللہ! ڇا هتي ڪڏهن شهر به هيو، مون ۽ منهنجي ابن ڏاڏن به ڪڏهن هن شهر جي باري ۾ ناهي ٻڌو. * فرمائن ٿا: پوءِ مان وڌيڪ 500 سالن کان پوءِ اتان گذريس، هاڻي وري اتي هڪ شهر آباد هو.[1]
الله!الله! اهائي آهي دنيا...!! اسان سمجهون ٿا ته صدين کان هتي سڀ ڪجھ ايئن ئي آهي ۽ صدين کان بعد به ايئن ئي رهندو پر حقيقت اها ناهي، هي هڪ دوکو آهي، هي دنيا اَڄ اسان جي آهي، ڪالھ اسان قبرن ۾ هونداسين ۽ هي دنيا ڪنهن ٻي جي ٿي ويندي. دارالقرار(يعني هميشه رهڻ جو مقام) هڪ ئي آهي ۽ اها آخرت آهي. انهيءَ ڪري ڪامياب اهو آهي جيڪو هن دنيا کي حِرۡص ۽ هَوَس جي نگاھ کان نه بلڪ عِبرت جي نظر کان ڏسندو آهي.
* حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو دنيا کي عبرت جي نگاھ سان ڏسندو ۽ غور و فڪر ڪندو آهي اهو گهڻيون نيڪيون ڪرڻ ۾ ڪامياب (Successful) ٿي ويندو آهي * حضرت مالِڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو هن دنيا کي عبرت جي نگاھ سان ناهي ڏسندو، آخرت جو فڪر ناهي ڪندو، ان جون نيڪيون گهٽ ۽ دل پردي ۾ آهي.[2]