Book Name:Ibrat Ke Namonay

۽ نشان تائين مٽائي ڇڏيو. [1]

قومِ ثمود! * تعمير جي فن جي ماهر هئي* الله پاڪ انهن کي کوڙ نعمتن سان نوازيو هو * حضرت صالح عَلَيۡهِ السَّلَامکي ڪوڙو چيو * ڪفر تي اڙيا، گناهن جي بازار گرم ڪئي* آخرڪار انهن تي به قهرِ الٰهي نازل ٿيو* انهن تي سخت زلزلي جو عذاب موڪليو ويو* جنهن سان هي هميشه جي لاءِ فنا ٿي ويا.[2]

نمرود! * ڪيترو رعب ۽ دٻدٻي وارو بادشاھ هيو* الله پاڪ ان کي تاج ۽ تخت عطا ڪيو پر ان نافرماني ڪئي * حضرت ابراهيمعَلَيۡهِ السَّلَام جون گستاخيون ڪيائين *  آخر ان تي عذاب آيو * الله پاڪ ان بدانجام ۽ ان جي فوج کي مڇرن جي ذريعي هميشه جي لاءِ فنا ڪري ڇڏيو.[3]

فرعون! * ڪيترو طاقتور هو، اُن نافرماني ڪئي* اُن جي بادشاهت ان جي ڪجھ ڪم نه آئي * طاقت * قُوَّت * تاج ۽ تخت * فوج *  ايڏو وڏو لشڪر ڪجھ نه ڪري سگهيو ۽ فرعون پنهنجي ڪافر قوم سميت درياء ۾ غرق ٿي ويو.[4]

بادشاهن جون کوپڙيون

حضرت سڪندر ذُوالقرنين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن جو ذڪر قرآنِ ڪريم ۾ به آيو آهي، هي به تمام وڏا بادشاھ هئا، هڪ ڀيرو انهن اوڀر ۽ اولهه جو سفر ڪيو. روايت ۾ آهي: هڪ ڀيرو هي هڪ اهڙي شهر ۾ پهتو، اُتي ماڻهن وٽ دنياوي مال بلڪل به نه هو، انهن قبرون تيار ڪري رکيون هيون، جڏهن صبح ٿيندي هئي ته هو قبرن ڏانهن ايندا هئا، ان جي ياد تازي ڪندا هئا، انهن کي صاف ڪندا ۽


 

 



[1] سیرت الانبیاء، صفحہ:204تا223 ملخصاً

[2] سیرت الانبیاء، صفحہ:232 تا 247 ملخصاً۔

[3] سیرت الانبیاء، صفحہ:299 بتصرف۔

[4]...سیرت الانبیاء، صفحہ:596 بتصرف۔