Book Name:Ibrat Ke Namonay

ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهيون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔  

ٻه عجيب واقعا

 تابعي بزرگ حضرت وَهب بن مُنبِّه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو الله پاڪ جي نبي حضرت ابراهيم خليلُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم ٿيو: اي ابراهيم! سفر جو سامان ٻڌو! زمين ۾ سفر ڪيو ۽ اسان جي قدرت جا عجائب ڏسو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام حڪم تي عمل ڪيو، سامان تيار ڪيائين ۽ سفر تي روانو ٿي ويا.

(1) هلندي هلندي پاڻ سمندر جي ڪناري جي ويجهو پهتا، اُتي کين هڪ غُلام نظر آيو جيڪو ٻڪريون ڪاهي وڃي رهيو هو. حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ان کان پڇيو: اي غلام! ڇا تو وٽ پاڻي يا کير آهي؟ عرض ڪيائين: جي آهي. اوهان جيڪو پسند فرمايو، اهوئي پيش ڪيان. فرمايائون: مون کي پاڻي پياريو! هاڻي هن غلام عصا (يعني لٺ) هٿ ۾ کنئي، ويجهو ئي هڪ ڇِپ(يعني چٽان) وٽ ويو، اُتي بيهي ڪري ڪجھ چيائين، پوءِ پنهنجي لٺ اُن ڇِپ تي هنيائين ته فوراً ڇپ مان پاڻي جو چشمو جاري ٿي ويو. ان چشمي مان پاڻي ڀري اچي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي خدمت ۾ پيش ڪيو. پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پاڻي پيتائون، پوءِ حيرانگي سان ان غلام کي ڏسڻ لڳا. غلام عرض ڪيو: ڇا اوهان کي چٽان مان چشمو وهندي ڏسي حيرت ٿي رهي آهي؟ فرمايائون: ڇونه حيراني ٿيندي(يعني ڳالھ حيران ڪندڙ آهي ته حيراني ئي ته ٿيندي)؟ غلام عرض ڪيو: مان اوهان کي اُن جو راز ٻڌايان ٿو. مون کي خبر ملي آهي ته الله پاڪ جا هڪ نبي آهن، الله پاڪ ان کي پنهنجو خليل بڻايو آهي. مان ان خليل الله عَلَيۡهِ السَّلَام جي وسيلي سان جيڪو ڪجھ گهرندو آهيان، الله پاڪ مون کي عطا فرمائي ڇڏيندو