Book Name:Ibrat Ke Namonay

ڪاش! اسان عبرت حاصل ڪرڻ ۽ قبر ۽ آخرت کي ياد ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

دل ہائے گناہوں سے بیزار نہیں ہوتا          مغلوب شہا! نفسِ بدکار نہیں ہوتا

شیطان مُسلَّط ہے افسوس! کسی صورت         اب صبر گناہوں پر سرکار نہیں ہوتا

اے رَبّ کے حبیب آؤ! اے میرے طبیب آؤ     اچّھا یہ گناہوں کا بیمار نہیں ہوتا

گو لاکھ کروں کوشش اِصلاح نہیں ہوتی                  پاکیزہ گناہوں سے کِردار نہیں ہوتا

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے   دل  آہ!  مگر  اب  بھی  بیدار  نہیں  ہوتا

وسائلِ بخشش،صفحہ:163۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

گهر ٺاهڻو هو، ديوار ٺاهي ويٺاسين.

پيارا اسلامي ڀائرو! هي دنيا عبرت جو مقام آهي، هتي جڳھ جڳھ تي عبرت جا نشان موجود آهن، چون ٿا: جيڪو عبرت ناهي وٺندو، ان کي نشانِ عبرت بڻايو ويندو آهي. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته هتي دل نه لڳايون، عبرت حاصل ڪيون ۽ آخرت جي تياري شروع ڪيون، هڪ شاعر نهايت خوبصورت ڳالھ ڪئي آهي، لکي ٿو:

اس جہانِ رنگ و بُو میں آ کر                                                                                                  گھر بنانا تھا، دِیوار بنا بیٹھے

مفهوم: گهر ان کي چئبو آهي جاٿي ڪو رهندو هجي ۽ ديوار هڪ رڪاوٽ هوندي آهي. مطلب اهو آهي ته اسان جو هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي دل کي پاڪ ڪيون ها، هن دل کي محبتِ الٰهي جو گهر بڻايون ها پر افسوس! اسان ته پنهنجي ۽ قربِ الٰهي جي وچ ۾ ديوارون بيهاري ڇڏيون آهن، حرص، هوس، دنيا جي محبت، دنيا جي فڪر، آخرت کان بي فڪري، غفلت هي سڀئي ديوارون آهن، جيڪي اسان کي قربِ الٰهي کان، الله پاڪ جي