Book Name:Ibrat Ke Namonay

محبت کان روڪينديون آهن.

مقامِ پرورشِ آہ و نالہ ہے یہ چمن

نہ سیرِ  گل  کے  لئے  ہے  نہ  آشیاں  کے  لئے([1])

وضاحت: آھ و ناله جو مطلب: عشق. يعني اسان هن دنيا ۾ سيروتفريح جي لاءِ ناهيون آيا، هتي گهر ڪوٺيون، بنگلا ٺاهڻ جي لاءِ ناهيون آيا بلڪه اسان هتي انهيءَ ڪري آيا آهيون ته جيئن پنهنجي دل ۾ الله پاڪ جي محبت پروان چاڙهيون، ڏينهن به ڏينهن ان محبت ۾ اضافو ئي ڪندا وڃون. هن ڪم جي لاءِ اسان هن دنيا ۾ آيا آهيون.

امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نصيحت

   حضرت ربيع بن صبيح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي عرض ڪيو: اسان کي نصيحت فرمايو ته انهن فرمايو: * توهان مان جيڪو تندرست (Healthy) آهي ان کي بيماري لڳندي جيڪا کيس مصيبتن ۾ مبتلا  ڪري ڇڏيندي * نوجوان کي پوڙهائپ ايندي جيڪا کيس فنا ڪري ڇڏيندي * ۽ پوڙهي کي موت اچي ويندو جيڪو ان کي هلاڪ ڪري ڇڏيندو * ڇا انجام اهڙو ناهي جهڙو توهان ٻڌي رهيا آهيو؟ * ڇا سڀاڻي روح جسم کان جُدا نه ٿيندو؟  * ڇا ٻانهو پنهنجي اهل ۽ مال (Family & Wealth) کان پري نه ٿيندو * ڇا سڀاڻي ڪفن ۾ نه ويڙهيل هوندو؟ * ڇا سڀاڻي قبر ۾ نه هوندو؟ * ڇا جن جي لاءِ ٻانهو ڪوشش ڪندو رهندو هو ۽ غمگين ٿيندو هو انهن جي دلين مان سندس ياد مِٽجي نه ويندي؟ * اي انسان! جڏهن توکي موت ايندو ته تون نه ڪنهن اچڻ واري جو استقبال ڪري سگهندي، نه ڪنهن جي ملاقات


 

 



[1]...كلياتِ اقبال،بالِ جبریل، صفحہ:379 ملتقطًا۔