Book Name:Ibrat Ke Namonay

* قرآنِ مجيد الله پاڪ جو ڪتاب آهي. * ٻانهن جي نالي ربّ ڪريم جو پيغام آهي. * پر افسوس! اَڄ مسلمان قرآن پاڪ کان پري ٿيندا پيا وڃن. * ڪيئي ماڻهن کي ڏسي ڪري به صحيح قرآن پڙهڻ نٿو اچي * جيڪي پڙهي سگهن ٿا اهي به تجويد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪندا آهن، جن جي سبب نماز ئي ناهي ٿيندي. * اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي قرآن جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. * مسجدن، دڪانن ۽ مارڪيٽن وغيره ۾ مدرسة المدينه لڳايا ويندا آهن. *  صرف 35 کان 45 منٽن جي ڪلاس هوندي آهي. * اُن ۾ صحيح تجويد ۽ قرات سان قرآن پڙهڻ به سيکاريو ويندو آهي * فرض علوم به ٻڌايا ويندا آهن * سنتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن ۽
* ترجمي ۽ تفسير ٻڌڻ جو به موقعو ملندو آهي* اوهان به ان ۾ شرڪت ڪيو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ساريون برڪتون ملنديون.

فيشن پرست جي زندگي ۾ بهار اچي وئي

  آفندي ٽائون (حيدرآباد، اندروني سنڌ، پاڪستان)  جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي: آئون هڪ فيشن پرست (Fashionable) نوجوان هئس، دُنيا جي موج مستي ۾ گُم، پنهنجي آخرت جي اَنۡجام کان غافل زندگي جا ڏينهن گذاري رهيو هيس منهنجي گناھن ڀري زندگي ۾ بهار هيئن آئي جو مون کي مَدرَسةُ المدينه بالغان ۾ داخلا جي سعادت ملي وئي، بَس منهنجي ته خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو. مَدرَسَةُ المدينه بالغان جي برڪتن منهنجي دل جي اونداھ کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چراغ سان مُنوَّر ڪري ڇڏيو۔ ان ۾ مون کي قرآنِ ڪريم جي تعليم سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل جو جذبو به مليو ۽