Book Name:Ibrat Ke Namonay

اَدب آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو.

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْہِ الْوَسِیْلَۃَ

 ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي طرف وسيلو ڳولهيو. (پارہ:6، اَلْمَائِدہ:35) 

(2): شَدّاد جي جنت

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ٻيو جيڪو عجوبو (يعني عجيب ڳالھ) جيڪا ڏٺي، اها شدّاد جي لاش هئي. شدّاد ڪير هو؟ شدّاد وڏو رعب ۽ دٻدٻي وارو بادشاھ هيو، هي غير مسلم هو. اسان جي عبرت ۽ نصيحت جي لاءِ قرآنِ ڪريم ۾ به ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:

اَلَمْ  تَرَ  کَیْفَ فَعَلَ  رَبُّکَ بِعَادٍ ۪ۙ(۶) اِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ ۪ۙ(۷) الَّتِیْ  لَمْ یُخْلَقْ مِثْلُہَا فِی الْبِلَادِ ۪ۙ(۸)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي ربّ عاد سان ڇا ڪيو؟. ارم(جا ماڻهو)، ٿنڀن (جهڙي قد) وارا. جو انهن جهڙو شهرن ۾ پيدا نه ٿيو.

 (پارہ:30 الفجر:6-8)

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: شدّاد جنت جو ذڪر ٻڌو هو، تنهنڪري ان سرڪشي طور دنيا ۾ جنت بڻائڻ جو ارادو ڪيو. جيئن ته ان هڪ عظيم شهر بڻايو، جنهن جا محل سون ۽ چاندي جي سرن سان ٺهرايا ويا، زبرجد ۽ ياقوت جا ستون بيهاريا ويا، پٿرين جي جڳھ خوبصورت موتي وڇايا ويا. هر محل جي آسپاس جواهرات وڇائي ڪري مٿان نهرون جاري ڪيون ويون، قسم قسم جا وڻ لڳايا ويا. [1] مطلب ته اهڙو عظيم شهر بڻايو ويو جو هن جهڙو شهر وري دنيا ۾ ڪڏهن نه بڻيو، جڏهن هي شهر مڪمل ٿي ويو ته ڇا ٿيو؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:


 

 



[1] صراط الجنان، پارہ:30، سورۃ الفجر، زیر آیت:8، جلد:10، صفحہ:663 بتصرف قلیل