Book Name:Ibrat Ke Namonay

اي عاشقانِ رسول! عبرت جي ڳالھ آهي، ٿورو غور فرمايو! هي زمين جتي اڄ اسان جو گهر آهي، اَڄ کان ڪجھ صديون پهريان جي متعلق سوچو! * اُن وقت هتي ڪير رهندو هو؟ شايد اسان کي خبر نه هجي. *ڏسڻ ۾ ڪيئن ايندو هو * کائيندو ڇا هو * ان وٽ پيسا ڪيترا هئا؟ طاقت ڪيتري هئي؟ شايد اسان کي خبر نه هجي. * هاڻي اهو ڪٿي آهي؟ شايد ان جي قبر جا نشان به موجود نه هجن، هي آهي دنيا....!! هاڻي ٿورو سوچيو، 2 سؤ سال پوءِ جي باري سوچو!! * هاڻي جنهن گهر ۾ اسان رهون ٿا، 2 صدين کان بعد هتي ڪير رهندو هو؟ اسان کي خبر ناهي،* اهو ڏسڻ ۾ ڪيئن ايندو؟ * ان جو لائف اسٽائل ڪيئن هوندو؟ اسان کي خبر ناهي * ان وقت اسان ڪٿي هونداسين؟ اتي ئي جتي اسان کان پهريان وارا پهتا * شايد ان وقت اسان جي قبرن جا نشان به مٽجي چڪا هوندا. جيئن اڄ اسان هن دنيا ئي کي سڀ ڪجھ سمجهي ويٺا آهيون * شايد اسان کان پهريان وارا به اهو ئي سمجهي رهيا هوندا ۽ ممڪن آهي اسان کان بعد وارا به اهو ئي سمجهي رهيا هوندا پر حقيقت اها آهي ته هن دنيا نه اسان کان پهريان وارن کان وفا ڪئي، نه اسان کان بعد وارن کان وفا ڪندي ۽ نه ئي اسان سان وفادار آهي. هي دنيا پهريان وارن جي لاءِ به هڪ دوکو هئي، اسان جي لاءِ به هڪ دوکو آهي.  

حضرت خضر عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ نرالو عجوبو

 هڪ ڀيري حضرت خضر عَلَيۡهِ السَّلَام کان سوال ٿيو: اوهان پنهنجي زندگي ۾ عجيب شي ڪهڙي ڏٺي آهي؟ فرمايائون: * مان هڪ ڀيرو هڪ جڳھ کان گذريس، نهايت خوفناڪ، ويران جڳھ هئي. * پوءِ 500 سال کان بعد ٻيهر اتان کان گذر ٿيو، هاڻي اتي نهايت خوبصورت سرسبز شهر بڻجي چڪو هو، مون اُتي ڪنهن کان پڇيو: هي شهر ڪڏهن کان بڻيو آهي؟ ان نهايت حيرت مان