Book Name:Ibrat Ke Namonay

آيس، مان جڏهن فلاڻي جي گهر جي ڀرسان  گذريُس ته ان گهرَ مون کي (زبانِ حال سان) پڪاري ڪري چيو: اي صالح! مون کان نصيحت حاصل ڪر! مون ۾ فلاڻا فلاڻا ماڻهو رهندا هئا، هاڻي هو انتقال ڪري چڪا آهن. پوءِ جڏهن فلاڻي گهر وٽ پهتس ته ان گهر به مون کي (زبانِ حال سان) پڪاري چيو: اي صالح! مون کان نصيحت حاصل ڪر! مون ۾ فلاڻا فلاڻا ماڻهو رهندا هئا، هاڻي اهي سڀئي مِٽيءَ ۾ دفن (Buried) آهن. حضرت ابو سائب عَبدي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اهڙيءَ طرح پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ هڪ گهر ڳڻائيندا رهيا، ايستائين جو اسان جي گهر تائين پهچي ويا.[1]

جہاں میں ہیں عِبْرت کے ہر سُو نمونے                                               مگر تجھ  کو  اندھا   کیا رنگ و  بُو نے

کبھی غور سے  بھی یہ دیکھا ہے  تُو نے                                                            جو آباد تھے وہ محل اب ہیں سُونے

جگہ جی   لگانے   کی  دنیا  نہیں ہے                                                                                   یہ عبرت کی جا ہے  تماشا نہیں ہے

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، ڪهڙي ڪهڙي انداز ۾ عبرت حاصل ڪندا هئا. هاءِ افسوس! هڪ اسان آهيون * ويران گهر * چلھ تي ٻرندڙ باھ * سج جي اُسَ * سردي، گرمي وغيره کان عبرت حاصل ڪرڻ ته پَري جي ڳالھ * اسان جي اکين جي اڳيان جنازا کڄندا آهن، اسان عبرت حاصل ناهيون ڪندا * پاڻ پنهنجي هٿن سان مُڙدا قبر ۾ لاهيندا آهيون، تڏهن به عبرت حاصل ناهيون ڪندا * فلاڻو فلاڻي جو پٽ چڱو ڀلو هو، اوچتو دل جو دورو پيس (Heart Attack) ۽ مَري ويو * فلاڻو نوجوان روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ انتقال ڪري ويو، اهڙيون ڪيئي خبرون اسان ٻڌندا رهندا آهيون، پوءِ به اسان موت کي ياد ناهيون ڪندا، عبرت حاصل ناهيون ڪندا.


 

 



[1] حلیۃ الاولیاء،جلد:6 ،صفحہ:182 ،رقم:8222۔