Book Name:Ibrat Ke Namonay

آهي(هاڻي به مون انهيءَ جو وسيلو ڏئي ڪري ڇِپ تي لٺ هنئي ته ان مان چشمو وهي نڪتو). هي ٻڌي ڪري حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: اي غلام! مان اهو ئي خليل آهيان، جنهن کي الله پاڪ پنهنجو خليل بڻايو آهي. اللهُ اڪبر! هي ٻڌي ڪري ته اُن غلام جي خوشي جي ڪا انتها نه رهي، جيئن چوندا آهن:  

وہ آئے ہمارے گھر خُدا کی قدرت ہے                                کبھی ہم ان کو کبھی اپنے گھر کو دیکھتے ہیں

 هُو دل ئي دل ۾ پنهنجي قسمت تي فخر ڪري رهيو هو، جيئن ته ان هن سان خوشي ۽ حيرت وچان پڇيو: ڇا واقعي ئي اوهان خليل الله آهيو؟ فرمايائون: مان ئي خليل الله آهيان. بس ايترو ٻڌڻو هو ته اهو غلام بيهوش ٿي ڪِري پيو ۽ انهيءَ وقت دم نڪري ويو.

روايت ۾ آهي: اُن وقت آسمان مان هڪ نُور لٿو، اُن نور خوش نصيب غلام جي لاش کي ڍڪي ڇڏيو، جڏهن اهو نُور هٽي ويو ته خبر ناهي غلام جي لاش کي آسمان تي کنيو ويو يا زمين ۾ دفن ڪيو ويو.

(2)؛ پوءِ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام اڳتي روانا ٿيا، هلندي هلندي پاڻ هڪ جبل تي پهتا، اُتي هڪ گهر هو، جنهن جا ٻه دروازا هئا، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام اندر داخل ٿيا، اندر هڪ تخت هيو، اُن تخت جي مٿان ڪنهن مرد جو لاش رکيل هو. ان جي مٿان 70 خوبصورت ڪپڙا وِڌل هئا، مٿي ڀرسان هڪ تختي رکيل هئي، اُن تختي تي لکيل هو: مان شَدّاد بن عاد آهيان * مان هڪ هزار سال زندھ رهيس. * مون هڪ هزار لشڪرن کي شڪت ڏني* هڪ هزار ڪنوارين ڇوڪرين سان نڪاح ڪيو* مون ئي شهر اِرم بڻايو. پر افسوس! جڏهن منهنجي موت جو وقت آيو ته منهنجون سڀئي تدبيرون ناڪام ٿي ويون* مون سڄي دنيا مان ڊاڪٽرن کي پنهنجي محل ۾ جمع ڪيو پر انهن مان ڪوبه منهنجي موت کي ٽاري نه سگهيو، پوءِ جنهن مون کي ڏٺو، ان کي دنيا جي دوکي ۾ نه اچڻ گهرجي. اي