Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته * نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، * ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، * ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

تفسير عزيزي ۾ آهي: هڪ ڀيرو جڏهن اسان جي پياري آقا، مڪّي مدني مصطفى  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڳين اُمّتن جي ڊگهين عُمرن جي متلعق غور فرمايو ۽ پنهنجي اُمت جي ننڍين عُمرن کي ملاحظه فرمايو ته غمخوارِ امّت، تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ دل شفقت کان ڀرجي آئي ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي سوچي غمگين ٿي ويا ته منهنجا امتي جيڪڏهن گھڻي کان گھڻيون نيڪيون ڪن تڏهن به اڳين امتن جي برابري نه ڪري سگهندا۔

هيڏانهن محبوبِ رَبِّ اَڪبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ دِل رنجيده ٿي، هوڏانهن الله پاڪ جي رَحْمت جوش ۾ آئي ۽ الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تسلي جي لاءِ سندن کي لَيلَةُ الْقَدْر جو تحفو عطا فرمايو۔([1])  جيئن ارشاد ٿيو:

اِنَّاۤ  اَنۡزَلۡنٰہُ  فِیۡ  لَیۡلَۃِ  الۡقَدۡرِ ۚ(ۖ۱) وَ مَاۤ  اَدۡرٰىکَ مَا لَیۡلَۃُ  الۡقَدۡرِ ؕ(۲) لَیۡلَۃُ  الۡقَدۡرِ ۬ۙ خَیۡرٌ  مِّنۡ  اَلۡفِ شَہۡرٍ ؕ(ؔ۳)تَنَزَّلُ الۡمَلٰٓئِکَۃُ وَ الرُّوۡحُ  فِیۡہَا بِاِذۡنِ رَبِّہِمۡ ۚ مِنۡ  کُلِّ  اَمۡرٍ ۙ(ۛ۴) سَلٰمٌ ﱡ هِیَ حَتّٰى مَطْلَعِ الْفَجْرِ۠(۵)   (پاره:30، سورۂ قدر:1 تا 5)

ترجمو ڪنز العرفان: بيشڪ اسان هن قرآن کي شب قدر ۾ لاٿو. ۽ توکي ڪهڙي خبر ته شب قدر ڇا آهي؟. شب قدر هزار مهينن کان


 

 



[1]...تفسیرِ عزیزی، جلد:3، صفحہ:257 ماخوذاً۔