Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

بهتر آهي. هن رات ۾ ملائڪ ۽ جبريل پنهنجي ربّ جي حڪم سان هر ڪم جي لاءِ لهندا آهن. هي رات صبح نڪرڻ تائين سلامتي آهي.

سُبْحٰنَ الله! ڇا شان آهي منهنجي آقا ۽ موليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي اُمّتين بابت ڳڻتي ٿي ته الله پاڪ سندن دل جُوئي جي لاءِ اُمّت کي شبِ قدر جهڙي عظيم الشان نعمت عطا فرمائي۔ مَولانا حَسَن رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم بيان ڪندي فرمائن ٿا:

جتنا میرے خدا کو ہے میرا نبی عزیز                                                               کونین میں کسی کو نہ ہو گا کوئی عزیز

جو کچھ تری رضا ہے، خدا کی وہی خوشی                                                        جو کچھ تری خوشی ہے، خدا کو وہی عزیز ([1])

 صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات آهي ۽ عالم سڳورن جي اڪثريت انهيء طرف آهي ته رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات ئي شبِ قدر ٿيندي آهي۔([2]) لهٰذا اسان اُمِّيد ڪريون ٿا ته الحمد لله! اڄ شبِ قدر آهي*  اڄ مغفرت جي رات آهي * اڄ رحمت جي رات آهي  *اڄ اها رات آهي جنهن ۾ عبادت ڪرڻ هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي * اڄ سلامتي جي رات آهي، حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن شبِ قدر ايندي آهي ته الله پاڪ جي حڪم سان حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام هڪ سائو جھنڊو کڻي ملائڪن جي


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:135۔

[2]...فیضانِ رمضان، صفحہ:199۔