Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

تمام وڏي فوج سان زمين تي نزول فرمائيندا آهن ۽ ان سائي جھنڊي کي ڪعبي شريف تي ڦڙڪائيندا آهن، هڪ روايت جي مطابق انهن ملائڪن جو تعداد رُوءِ زمين جي ڪنڪرين کان به وڌيڪ هوندو آهي، اهي سڀئي سلام ۽ رحمت کڻي نازِل ٿيندا آهن۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام جا 100 سؤ پر آهن، جن مان ٻه پر صرف انهيءَ رات کوليندا آهن اهي پَرَ اوڀر ۽ اولهه ۾ ڦهلجي ويندا آهن پوءِ حضرتِ جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام فرشتن کي حڪم ڏيندا آهن ته جيڪو به مسلمان اڄ رات قيام، نماز يا ذِڪرُالله ۾ مشغول آهي ان سان سلام ۽ مصافحو ڪريو، ۽ پڻ انهن جي دعائن تي آمين به چئو۔ اهڙيءَ ريت صبح تائين اهو ئي سلسلو رهندو آهي۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ برڪتن ڀري رات آهي، الله پاڪ اڄ جي هن مبارڪ رات جو صدقو اسان سڀني جي بي حساب مغفرت ۽ بخشش فرمائي۔

آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

مغفرت کا ہوں تجھ سے سوالی         پھیرنا اپنے در سے نہ خالی

مجھ گنہگار کی التجا ہے             یا خُدا تجھ سے میری دُعا ہے

نارِ دوزخ سے مجھ کو اماں دے        مغفرت کر کے باغِ جناں دے

کر دے رحمت مری التجا ہے         یا خُدا تجھ سے میری دُعا ہے

یا خُدا! ماہِ رمضاں کے صدقے         سچّی توبہ کی توفیق دیدے

نیک بن جاؤں جی چاہتا ہے         یا خُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

میں نے مانا کہ سب سے بُرا ہوں        کس کا ہوں؟ تیرا ہوں میں ترا ہوں

ناز رحمت پہ مجھ کو بڑا ہے           یا خُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([2])


 

 



[1]... شُعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:336، حدیث:3695۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:136 تا 137 ملتقطاً۔