Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

نگاھِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪمال ڏسو! هتي اهو نه سمجھو ته قبر تي چند مَڻ مٽي آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان مٽي جي هيٺيان ڏسي ورتو، نه، نه....!ايئن ناهي، اهو جھان تبديل آهي، قبر ۾ اندر جهاتي پائي ڏسڻ هونئن ئي شرعاً درست ناهي، باقي برسات وغيره جي سبب ڪڏهن قبر کلي وڃي ته اسان کي اتي ڪجھ به نظر نه ايندو، ڇو؟ ان ڪري جو جيڪو اسان ڏسي رهيا آهيون اها دنيا آهي، مُردي سان جيڪي ڪجهه معاملات ٿي رهيا آهن، اهي دنيا ۾ نه بلڪه ٻي جھان يعني عالم برزخ ۾ ٿي رهيا آهن. پر قربان وڃجي! هي نگاھِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪمال آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن دنيا ۾ ظاهري حيات سان تشريف فرما آهن، هي جھان عليحده آهي، عالمِ برزخ الڳ جھان آهي ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن جھان ۾ رهندي ٻي جھان کي ڏسي به رهيا آهن ۽ ٻي جھان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪهڙي سبب ٿي رهيو آهي؟ اهو سڀ ڪجھ ڄاڻي به رهيا آهن.

سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نگاھِ مصطفيٰ جو ڪمال بيان ڪندي فرمائن ٿا:

شش جِہَت سمتِ مُقابلِ شب و روز ایک ہی حال

دُھوم  وَالنَّجْم میں ہے   آپ   کی  بینائی  کی([1])

وضاحت: سمتِ مقابل: يعني سامهون جي طرف. هي اسان جھڙا عام ماڻهو آهن، اسان کي صرف اها ئي شيءِ نظر ايندي آهي جيڪا اسان جي اکين جي سامهون هجي پر نگاهِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو ڪمال آهي جو پاڻ مٿي، هيٺ، ساڄي، کاٻي، اڳيان پويان، هر طرف ڏسندا آهن، ڇھ جون ڇھ سمتون (يعني ساڄي، کاٻي، مٿي، هيٺ، اڳيا، پويان) پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ ايئن آهن جيئن عام اک جي لاءِ سامهون جي سمت هوندي آهي ۽ هي ايئن ناهي جو ڪنهن خاص وقت هوندو آهي بلڪه ڏينهن رات، هر وقت، هر گھڙي پاڻ
 
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نگاهِ پاڪ جو اهو ئي ڪمال آهي. جيڪڏهن ان جو دليل


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:154۔