Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab
آهي. سوچي ڳالهائڻ جي ته عادت بلڪل نه هجڻ جي برابر آهي، لهٰذا چڱا ڀلا لکيل پڙهيل به گفتگو ۾ بي احتياطون ڪندا آهن * غيبت ٿي رهي هوندي آهي * چغلي ٿي رهي هوندي آهي * ڪوڙ ڳالهائي رهيا هوندا آهن پر اندازو تائين ناهي ٿيندو ته ”مون هاڻ جيڪو ڳالهايو، هي ڪيترو سخت جرم ٿي ويو آهي“ بس زبان هلي رهي آهي ۽ گناھ تي گناھ ٿي رهيا آهن. * اهڙي طرح پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ جو معاملو آهي غير مُهَذّب ماڻهو گهٽين ۾، ديوارن جي سامهون پيشاب ڪندا آهن، هن بيشرمي واري ڪم ۾ جتي ٻيون کوڙ برائيون آهن، اُتي پيشاب جي ڇنڊن کان پاڻ کي بچائڻ به نهايت مشڪل هوندو آهي ۽ عام طور ايئن ڪرڻ وارا پاڻ کي ناپاڪ ڇنڊن کان بچائڻ جو لحاظ به ناهن ڪندا * ڪيئي دفعا W.C (يعني واش روم ۾ ويهڻ جي سيٽ) گهٽ گِهري لڳائي ويندي آهي، ان صورت ۾ به خصوصاً پيرن کي ناپاڪ ڇنڊن کان بچائڻ مشڪل ٿيندو آهي، جيڪي پاڪائي ناپاڪائي جا احڪام نٿا ڄاڻين يا جيڪي نماز جا عادي ناهن، انهن جي عموماً هن طرف توجھ به ناهي ويندي، واش روم ڪرڻ کان بعد هٿ ته ڌوئيندا ئي آهيون پر پير ناپاڪ ئي رهجي ويندا آهن * بلڪه هاڻي ته بيهي ڪري پيشاب ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، خاص ڪري ايئرپورٽ ۽ ٻين ڪيئي هنڌن تي بيهي ڪري پيشاب ڪرڻ جو انتظام هوندو آهي، هن صورت ۾ به جسم ۽ ڪپڙن کي پيشاب جي ناپاڪ ڇنڊن کان بچائڻ سخت مشڪل ڪم آهي. ياد رکو! پاڻ کي پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچائڻ گناھ آهي، غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: پيشاب کان بچو! عام طور تي عذابِ قبر انهيءَ ڪري ٿيندو آهي.([1])