Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

*پاڻ کي صاف سٿرو رکڻ فطرت جو تقاضو آهي  *۽ شريعت جو حڪم به، * جيڪو شخص صاف سٿرو رهندو آهي اهو الله پاڪ جي ويجهو قابِل تعريف آهي، * اميري هجي يا فقيري هر حال ۾ صفائي ۽ سٿرائي انسان جو وقار آهي * هر مسلمان جو هي اسلامي نشان آهي ته هُو پنهنجي بدن، پنهنجي مڪان ۽ سامان، پنهنجي دروازي ۽ صحن وغيره هر شيء جي پاڪي ۽ صفائي سٿرائي جو هر وقت خيال رکي * گندگي انسان جي عزت ۽ عظمت جي بدترين دشمن آهي انهي ڪري مرد ۽ عورت کي صفائي سٿرائي جي عادت وجهڻ گهرجي  *صفائي سٿرائي سان صحت ۽ تندرستي وڌندي آهي * ۽ هزارين بيماريون پري ٿي وينديون آهن.

*حضور، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ آهي، پاڪائي پسند فرمائيندو آهي، سٿرو آهي سٿرائي پسند ڪندو آهي.([1]) * هڪ حديث شريف ۾ ارشاد ٿيو: اَلطَّہُوْرُ شَطْرُ الْاِیْمَان يعني پاڪيزگي اڌ ايمان آهي. ([2])* هڪ حديث شريف ۾ آهي ته اَلنَّظَافَۃُ تَدْعُو اِلَی الْاِیْمَانِ پاڪيزگي ايمان جي طرف سڏيندي آهي([3]) * نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَرۡوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمانِ نظافت نشان آهي: بُنِیَ الدِّیْنُ عَلَی النَّظَافَۃِ يعني دين جي بنياد طهارت تي آهي. ([4])

الله پاڪ اسان کي صفائي سٿرائي ۽ پاڪيزگي جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]...ترمذی،کتاب الادب ،باب ماجاء فی النظافۃ،صفحہ:654، حدیث:2799۔

[2]... مسلم،کتاب الطہارۃ ،باب فضل الوضوء ، صفحہ:106، حدیث:223۔

[3]... فیض القدیر، جلد:3، صفحہ:356، زيرِ حديث:3369۔

[4]...الشفا، الباب الثانی...الخ، فصل اما نظافۃ جسمہ...الخ، جزء:1، صفحہ:56۔