Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

دنياوي سازو سامان رهجي وڃڻ جو صدمو....!! انسان جي دل تڙپائڻ جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي پر افسوس.....!! * جيڪي گنهگار آهن * الله ۽ رسول جون نافرمانيون ڪرڻ وارا آهن * زڪوات فرض هجڻ جي باوجود ادا نه ڪرڻ وارا آهن* سودي لين دين ڪرڻ وارا آهن * شراب پيئڻ      * ڏاڙهيون ڪوڙائڻ *هڪ مٺ کان گهٽائڻ وارا آهن *والدين کي ستائڻ وارا آهن *غيبتون ۽ چغليون ڪرڻ وارا آهن *ڳائڻ وڄائڻ ٻڌڻ وارا آهن *فلمون ڊراما ڏسڻ وارا آهن* مسلمانن کي ناحق تڪليف ڏيڻ وارا آهن *غريبن کي ستائڻ وارا آهن* ٻين جا حق کائڻ وارا آهن *افسوس! جيڪي نافرمان آهن *گناهن جو بازار گرم ڪرڻ وارا آهن، الله نه ڪري، جيڪڏهن ان جي رحمت کان محرومي ٿي ۽ قبر ۾ گناهن سبب پڪڙ ٿي وئي ته اُن تنهائي، وحشت ۽ انتهائي صدمن سان گڏو گڏ عذاب به مسلط ٿي سگهي ٿو، ها! ها! قبر جو عذاب انتهائي سخت آهي * جڏهن گنهگار قبر ۾ لهندو آهي ته قبر تمام سخت لهجي ۾ ان کي ڇڙٻيندي آهي *پوءِ قبر جون ديوارون پاڻ ۾ ملڻ شروع ٿي وينديون آهن، ملنديون وينديون آهن، ملنديون وينديون آهن، ايستائين جو مڙدو انهن ديوارن جي درميان اچي پسجي ويندو آهي ۽ ان جون پاسراٽيون هڪٻئي سان ملي وينديون آهن.* قبر ۾ باھ به ڀڙڪي سگهي ٿي* نانگ وڇون به چنبڙي سگهن ٿا * عذاب ڏيڻ وارا ملائڪ لوھ جي هٿوڙي سان انتهائي سختي سان ماريندا آهن *ڪجھ گنهگارن تي هڪ انڌو ۽ ٻوڙو جانور مُسلَّط ڪيو ويندو آهي، جنهن وٽ لوھ جو وڏو هٿوڙو هوندو آهي، اهو هن هٿوڙي سان مُردي کي ماريندو آهي * ڪجھ کي اهڙي طرح ماريو ويندو آهي جو سندس جسم پگهري وهي ويندو آهي، پوءِ پهرين حالت تي ايندو آهي، وري ماريو ويندو آهي * ڪجھ جي قبر ۾ خوفناڪ وڏا نانگ