Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

مُسلَّط ڪيا ويندا آهن * ڪجھ کي باھ جي زنجيرن سان جکڙيو ويندو آهي * ۽ ڪجھ کي باھ جو لباس پارايو ويندو آهي.

اي عاشقانِ رسول! ٿورو تَصوُّر ڪيو! ڇا هي اهڙا عذاب آهن جن کي اسان برداشت ڪري سگهنداسين...!! افسوس! جان نڪرڻ جي تڪليف پنهنجي جڳھ، دنيا وڃڻ جو صدمو پنهنجي جڳھ، قبر جي تنهائي، وحشت، سخت انڌيرو، هي سڀئي پنهنجي جڳھ صدما آهن، پوءِ انهن سان گڏو گڏ الله نه ڪري، الله نه ڪري...!! جيڪڏهن اسان تي ڪو عذاب مُسلَّط ڪيو ويو ته ٿورو سوچو ته سهي...!! تَصَوُّر ته ڪيو! ان وقت اسان ڪيڏي وينداسين..!! ڪنهن کي پڪارينداسين..!! ڪنهن کان مدد گهرنداسين...!! انهن سخت ترين عذابن کان ڪيئن ڇوٽڪارو ماڻينداسين...؟

الله پاڪ ڪرم فرمائي! ڪاش! ان جي رحمت ٿي، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمائن، رڳو! انهي ئي صدقي عذاب کان ڇوٽڪارو ملي وڃي. 

نہ چھوڑے جُرم چھٹتے ہیں، نہ مارے نفس مرتا ہے

نہ جانے نیک آخر کب بنوں گا یارسولَ اللہ!

اندھیرا کاٹ کھاتا ہے، اکیلے خوف آتا ہے

تَو تنہا قبر میں کیونکر رہوں گا یارسولَ اللہ!

نَکِیْرَین امتحاں لینے کو جب آئیں گے تُربت میں

جوابات ان کو آقا...! کیسے دُوں گا یارسولَ اللہ!

برائے نام دردِ سَر سہا جاتا نہیں مجھ سے

عذابِ قبر کیسے سہہ سکوں گا یارسولَ اللہ!