Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

یقیں...!! مِثلِ خَلِیْل آتش نَشِیْنِی

یقیں...!! اللہ مستی، خُود گُزِیْنی

سُن اے تہذیبِ حاضِر کے گرفتار!

غُلامی سے بدتَر ہے بےیقینی

وضاحت: يقين ڇا آهي؟ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جيان بنا خوف جي باھ کي قبول ڪرڻ جو نالو آهي، يقين ڇا آهي؟ محبّتِ الٰهي ۾ غرق ٿي وڃڻ ۽ پنهنجي اصلاح ۾ لڳي وڃڻ جو نالو آهي. اي دورِ حاضر جي نئين تهذيب جا ديوانؤ...!! بي يقيني غلامي کان به وڌيڪ بُري شيءِ آهي.

اي عاشقانِ رسول! هن ايمان ۽ پڪي يقين جي برڪت به ته ڏسو!* غيرآباد علائقو هو، اَڄ اُتي رونقون ئي رونقون آهن * اُتي پيئڻ جي لاءِ پاڻي هڪ ڍڪ به نه هيو، الله پاڪ حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي پيرن سان زم زم جو چشمو جاري فرمايو، اَڄ تائين دنيا هن چشمي جو پاڻي پي رهي آهي پر اهو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي * اتي پري پري تائين زندگي جا آثار ئي نظر نه ايندا هئا پر جتي الله پاڪ جي هن ٻانهي حضرت هاجره رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها  جا قدم لڳا ها، الله پاڪ ان صفا ۽ مروه جي سعي(يعني انهن پهاڙين جي وچ ۾ ڊوڙڻ) کي قيامت تائين حاجين جي لاءِ واجب فرمائي ڇڏيو.

دورِ حاضر جو سڀني کان وڏو مسئلو

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش اسان کي به مضبوط ايمان ۽ پڪو يقين نصيب ٿي وڃي! اڄوڪي دور جو سڀني کان وڏو مسئلو جنهن کي اسان چئي سگهون ٿا، اها بي يقيني جي ڪيفيت آهي. اَڄ اُمّتِ مسلمه اجتماعي طور تي ڪيئي طرح جي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. غربت عام آهي مشڪلات آهن، هر ٻيو انسان مشڪلات ۾ ڦاٿل آهي. لڙائي جهيڙا آهن. نااتفاقي آهي. دنيا ۾ ڪيئي