Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

هوندو ته هُو ڪنجوسي ڪندو آهي. مطلب ته هي بي يقيني آهي جنهن جي ڪري هي اُمّت هلاڪت ۾ وڃي پوندي آهي.

بي يقيني جون ڪجھ مثالون

افسوس! اَڄ هي بي يقيني جي ڪيفيت عام ٿيندي پئي وڃي. اسان اَلحَمۡدُلله! مسلمان آهيون، الله پاڪ تي ايمان رکون ٿا پر افسوس! * اسان مڃون  ته ٿا الله پاڪ رزۡق ڏيڻ وارو آهي، پوءِ به مال جي پٺيان ڀڄندا آهيون، ڪو لنڊن، پيرس جا خواب ڏسي ٿو، ڪو وياج جو سهارو وٺي ٿو ۽ ڪجھ نادان ته اهڙا به آهن جيڪي مَعاذالله پيسن جي خاطر ايمان جو سودو ڪري ڇڏيندا آهن * اسان مڃون ٿا ته الله پاڪ مُشڪلات کان نجات ڏيارڻ وارو آهي پر پريشان ۽ ڊپريشن جو شڪار رهون ٿا * اسان مڃون ٿا ته نماز دنيا ۽ آخرت سنواريندي آهي پر اسان نماز کي دنيا تي ترجيح ڏيون ٿا.* اسان مڃون ٿا ته مسلمان جي ترقي قرآن تي عَمَل ڪرڻ ۾ آهي پر قرآن نه پاڻ پڙهون ٿا، نه ٻارن کي پڙهايون ٿا * اسان مڃون ٿا ته الله پاڪ دعائون قبول فرمائي ٿو پر بي يقيني آهي، اَوَّل ته دعا گهرڻ وارا ئي گهٽ آهن، گهرندا به آهن ته بي يقيني سان گهرندا آهن.

جهرڪي ۽ انڌو نانگ

امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ لکن ٿا: هڪ ڀيرو ڌاڙيلن جو هڪ ٽولو ڦر جي لاءِ اهڙي جڳهه تي پهتو جتي کجور جا ٽي وڻ هئا. انهن مان هڪ وڻ خشڪ (يعني بغير کجور جي) هو. ڌاڙيلن جي سردار جو بيان آهي: مون ڏٺو ته هڪ جهرڪي ميوي واري وڻ تان اڏري خشڪ وڻ تي ويٺي آهي ۽ ٿوري دير کان پوءِ اڏري ميوي واري وڻ تي آئي آهي پوءِ اتان اڏري ٻيهر انهي خشڪ وڻ تي وئي آهي. اهڙي طرح ان جهرڪي تمام گهڻا چڪر لڳايا. مان تعجب وچان خشڪ وڻ تي چڙهيس ته ڇا ڏسان ٿو ته اتي هڪ انڌو نانگ منهن کولي ويٺو آهي ۽ جهرڪي ان جي منهن ۾کجور رکي