Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

خلقت جب پانی کو ترسے، رِمْ جھم رِمْ جھم برکھا برسے

ہر اِک پر رحمت کی نظر ہے یااللہُ! یااللہ!

يقيناً الله پاڪ ڏيندو آهي، ضرور ڏيندو آهي. هرهڪ کي ڏيندو آهي. مسئلو اهو آهي ته اسان جا يقين ڪمروز ٿي ويا آهن.

حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ڪامل يقين

مسلمانن جا پهريان خليفه حضرت ابوبڪر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جو ارشاد آهي.  

وَ مَا مِنْ دَآبَّۃٍ  فِی الْاَرْضِ  اِلَّا عَلَی اللّٰہِ  رِزْقُہَا

(سيپارو: 12، سورة هود: آيت:6)           ترجموڪنزالعرفان: ۽ زمين تي هلندڙ ڪو ساھ وارو اهڙو ناهي جنهن جو رزق الله جي ذمي ڪرم تي نه هجي.

پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن کان مون هي آيت پڙهي آهي ته خدا جو قسم! مون روزيءَ جو فڪر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.[1]

 سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو....!!  جڏهن الله پاڪ فرمائي ڇڏيو ته رزق منهنجي ذمه ڪرم تي آهي ته

ان کان پوءِ اسان کي فڪر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. تَوَڪُّل اپنايو، رزق الله پاڪ جي ذمه ڪرم تي آهي، اهو اسان کي رزق عطا فرمائيندو. اسان کي گهرجي ته رزق جي فڪر ۾ ڏينهن رات گذارڻ جي بجائي نيڪ ڪمن جي فڪر ڪيون، جنّت ۾ وڃڻ جي فڪر ڪيون.

يقيناً حلال رزق ڪمائڻ به اسان جي ذميداري آهي، مُنَاسب طور تي اسان کي ڪم ڪار به ڪرڻو ئي آهي پر ڏينهن رات مال ۽ دولت ئي جي فڪر ۾ پريشان


 

 



[1] اللمع فی التصوف،باب ذکر ابی بکر الصدیق...الخ،صفحہ:171