Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

محبن جي عرض تي عشقِ رسول ۾ گم ٿي فرمايو: مديني پاڪ جي ارادي سان قَدَم دروازي کان ٻاهر رکي وٺان، پوءِ چاهي رُوح انهيء وقت نڪري وڃي.[1]

شوق روکے نہ رُکے پاؤں اُٹھائے نہ اُٹھے           کیسی مشکِل میں ہیں ا تَمَنَّائی دوست([2])

وضاحت: ياالله! محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضِري جي تمنا آهي، شوق اهڙو جو دِل رُڪجي نٿي، حال اهو آهي جو پير کَڄن نه پيا، هلڻ مشڪل آهي، اِلٰهي! ڪهڙي مشڪل آهي، منهنجي مدد فرماءِ۔

         مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي شهزادي اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ گھر جي ڪجھ ٻين ڀاتين کي ساڻ وٺي حج جي لاءِ روانا ٿي ويا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: سرڪارِ مڪه مڪرمه، سردار مدينه منوره  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ اچي پنهنجي سچي عاشق، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي هڪ پيالي ۾ دَوا عطا فرمائي، اها دوا پيئڻ جي برڪت سان مرض جي شِدَّت ۾ ڪمي اچي وئي ۽ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حج ۽ زيارت جا تمام اَفعَال تَندُرُستن جيان ادا فرمايا، پوءِ مديني پاڪ به بااَدب، پُرڪيف حاضِري ٿي.[3]

میٹھا مدینہ دُور ہے، جانا ضرور ہے       جانا ہمیں ضرور ہے، جانا ضرور ہے

ہوتا ہے سخت امتحاں، الفت کی راہ میں                 آتا مگر سُرور ہے، جانا ضرور ہے

عشاق کو تو ملتی ہے غم میں بھی راحت اور         آتا بڑا سُرور ہے، جانا ضرور ہے

سرکار کا مدینہ یقیناً بلاشُبہ                                                               قلب و نظر کا نُور ہے، جانا ضرور ہے([4])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...فضائلِ دُعا، صفحہ:40 بتصرف۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:63۔

[3]...فضائلِ دُعا، صفحہ:41بتصرف۔

[4]...وسائلِ بخشش، صفحہ:486، 487ملتقطاً۔