Book Name:Shehar e Muhabbat
بهرحال! هي خراساني عاشقِ رسول نبي پاڪ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ جو نِياپو کڻي ڪري همدان (شهر) پهتو، حضرت ابو فضل قُومَساني رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ کي آقا جو سلام پهچايو، پوءِ پڇيائين: حضور! توهان ڪهڙو دُرودِ پاڪ پڙهندا آهيو، مونکي به ٻڌايو! ان تي حضرت ابو فضل قُومَساني رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جن فرمايو: مان روزانو 100 ڀيرا هي دُرودِ پاڪ پڙهندو آهيان:
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدِنِ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ وَعَلٰی آلِ مُحَمَّدٍ جَزَی اللَّٰہُ مُحَمَّدًاعَنَّا مَاھُوَ اَھْلُہٗ([1])
اس جوابِ سلام کے صدقے! تاقیامت ہوں بےشمار سلام
میری بگڑی بنانے والے پر بھیج اے کردگار سلام
اس پناہِ گنہگاراں پر یہ سلام اور کروڑ بار سلام([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّيّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([3])
اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مثلاً نيت ڪريو: * نگاهون جهڪائي ڪري توجھ سان بيان ٻُڌندس * ضرورت مطابق سرڪِي ڪري ٻين جي لاءِ جڳھ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس * بيان کان بعد پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس. * هٿ ملائيندس. ۽ * نيڪي جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد