Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

مفهوم: اي عبدُ العزيز...!! هي سجدو نه آهي، مان ته  پلڪن سان محبوب جي در تي ٻهارو ڏئي رهيو آهيان.

   مديني جي عاشق اميراهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جو ذوق به ڏسو! لکن ٿا:

میں پہنچوں کوئے جاناں میں گریباں چاک، سینہ چاک

گِرا دے کاش! مجھ کو شوق تڑپا کر مدینے میں([1])

 بهرحال! هي عاشقن جون پنهنجون پنهنجون ڪيفيتون هونديون آهن، جڏهن اهي رسولِ پاڪ جي روضي تي پهچندا آهن ته * دل تڙپڻ لڳندي آهي* ڌڙڪن تيز ٿي ويندي آهن* اکين مان نير وهي رهيا هوندا آهن، ان وقت عاشقَ هر شيءِ کي وساري صرف محبوبِ ڪائنات صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ ڏانهن متوجه ٿيندا آهن.

میرا وُجُود جیسے گُم ہو کے رہ گیا ہے                        خود سے بچھڑ گیا ہوں، دربارِ مصطفےٰ میں

خير! مان عرض پئي ڪيو ته عظيم عاشقِ رسول حضرت علامه سيّد احمد سعيد ڪاظمي صاحب رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ اهڙين ئي عشق ڀرين ڪيفيتن سان محبوب جي روضي جي سامهون بيٺا هئا، اکيون بند هيون، چپ چُري رهيا هئا، آهسته آهسته آواز ۾ پنهنجي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ جي بارگاھ ۾ خبر ناهي ڪهڙيون التجائون ڪري رهيا هئا ته اوچتو هڪ بي ادب اچي پهتو ۽ عاشق جي عشق ڀري حاضري ۾ مداخلت ڪندي چوڻ لڳو: حاجي! ڪعبي ڏي پٺي نه ڪر! جيڪي التجائون ڪرڻيون اٿوَ، ڪعبي ڏانهن منهن ڪري، روضي ڏي پٺي ڪري پوءِ ڪيو...!!

 ڇو ته بارگاھِ رسالت جي حاضري هئي، ان وقت ڪنهن ٻي پاسي توجھ ڪرڻ درست نه هو، تنهنڪري حضور غزاليءِ زمان رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ ان جي ڳالھ کي ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيو ۽ التجائن ۾ مصروف رهيا. اهو جيڪو بي ادب هو، ان سندن


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:280۔