Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

خُلفاءِ راشدين مان اوهان جي ڇا مُراد آهي؟ هي ٻڌي ڪري مولاءِ ڪائنات، مولا علي مُشڪل ڪُشا رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، پوءِ فرمايائون: خُلفاءِ راشدين مان منهنجي مُراد حضرت ابوبڪر صديق ۽ عُمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡهما آهن. مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڌيڪ فرمايو: *هي ٻئي شخصيتون هدايت جا امام آهن*ٻئي ئي شيخُ الاسلام آهن*رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بعد هنن کان ئي هدايت ملندي آهي*جيڪو هنن ٻنهي جي پيروي ڪري، اهو صراطِ مستقيم تي هلڻ وارو آهي*جيڪو هنن ٻنهي کي پنهنجو امام بڻائي، اهو هدايت تي رهندو آهي*۽ جيڪو ابوبڪر ۽ عُمر (رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا)جو دامن مضبوط پڪڙي وٺي، اهو الله پاڪ جو ٽولو آهي ۽ الله پاڪ جو ٽولو ئي ڪامياب آهي.[1]

    پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت مولا علي شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جو ئي هڪ ٻيو فرمان ٻڌندا! فرمائن ٿا: اهڙو اعمال نامو جيڪو مان قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ کڻي وڃڻ چاهيان ٿو، اهڙو اعمال نامو مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جو آهي.[2]

   الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو: يقيناً حضرت عليُ المرتضيٰ شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  پاڻ به تمام وڏي مرتبي وارا آهن*سندن پاڪيزه سيرت*سندن ڪردار*سندن اخلاق ۽ عادتن*عبادتن وغيره ۾ به ڪا ڪَمي ناهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  به نهايت ئي باڪمال آهن پر هر ڪمال وارو گهڻي ڪمال واري ڏانهن رغبت رکندو آهي، يقيناً مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو هي فرمانِ عاليشان اسان جي تعليم جي لاءِ آهي، اوهان هن مان اندازو لڳايو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سيرت، سندن ڪردار ڪيترو عظيم آهي. هي ذهن ۾ رهي ته اعمال نامي ۾ انسان جو هر ننڍو وڏو عمل لکيل هوندو آهي، ڄڻ مولا علي شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائي رهيا


 

 



[1]...شرح اصول اعتقاد اہل السنۃ و الجماعۃ، جز:7، جلد:4، صفحہ:161، حدیث:2501۔

[2]...بخاری، کتاب فضائل اصحاب النبی، باب مناقب عمر بن الخطاب،صفحہ:934، حدیث:3685 ۔